اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) ايوان صد?? جي جامع مسجد مان ”اسلامي معاشرو ۽ احترام قانون“ جي موضوع تي جمع?? جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ۽ ايوان صد?? جي عملدارن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي، ڊاڪٽر عبدالڪريم عثمان خطبي ۾ اسلامي معاشري ۾ احترام قانون ۽ عهد جي پاسداري جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته اسلامي تعليمات ۾ انفرادي سان گڏوگڏ اجتماعي ۽ معاشرتي زندگي ۾ به عهد کي پورو ڪرڻ جي تاڪيد ڪئي وئي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ ڪامياب مومنن جي صفات مان هڪ امانتن ۽ عهد جي پاسداري بيان ڪئي آهي، هن حضور ﷺ جي حيات طبيه جي روشني ۾ عهد جي پاسداري جا مثال بيان ڪندي صلحه حديبيه جو خصوصي حوالو ڏنو جنهن ۾ مسلمانن جي گڏيل معاملن سان گڏوگڏ ٻين قومن سان ڪيل واعدن کي نڀائڻ جو درس موجود آهي، هن چيو ته هڪ فرد جي لاءِ لازم آهي ته هو جنهن ملڪ جو رهواسي آهي ان جي قان??ن جي پيروي ڪري، اها عهد جي پاسداري جي هڪ صورت آهي. هن چيو ته قان??ن جي خلاف وريزي اصل ۾ اسلامي تعليمات جي رو گ??دا??ي ۽ ٻين ماڻهن جي لاءِ تڪليف جو سبب بڻجندي آهي، هن چيو ته جائزه امور ۾ اسلامي رياست جي قان??ن جي پاسداري ضروري آهي، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي، واضح رهي ته صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي جي هدايت تي ماڻهن جي رهنمائي لاءِ ايوان صد?? جي جامع مسجد مان جمع?? جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪرڻ جو باقاعدگي اهتمام ڪيو پيو وڃي.
ايوان صدر جي جامع مسجد مان جمعي جو خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو
مضمون کا ماخذ : سانتا کی جنگلی سواری۔