اسلام آباد– 10 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سپلائي چين لا??سٽڪس جي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو، اڄ پاڪستان جي ترقي لا??ِ بي شمار موقعا موجود آهن، هنرمندي افرادي قوت جي ذريعي اسان ترقي جي موقعن مان بي پناهه فائدا حاصل ڪري سگهون ٿا، دنيا ۾ ڪاروبار جا نوان موقعا وڌي رهيا آهن، ٽيڪنالاجي جهڙي تيز رفتار سان ترقي ڪري رهي آهي ان جي ڀيٽ ۾ فيصلا سازي جو عمل سست آهي، وچ ايشيا جا ملڪ گوادر بندرگاهه جي ذريعي پنهنجي سامان جي پهچ چاهين ٿا، مختلف وچ ايشيائي ملڪن جي اها خواهش آهي ته انهن جي مصنوعات برآمد جي لا??ِ گوادر پهچي ته جيئن ان کي ٻاهرين ملڪ موڪلي سگهجي، ان مقصد جي لا??ِ گوادر ۾ ويئر هائوسز قائم ڪيا ويا آهن، پاڪستان به پنهنجي شين جي برآمدات وڌائڻ چاهي ٿو. اسان تازو ئي ازبڪستان ۽ ترڪي کي و??پاري سامان جي ترسيل ڪئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”پهرين ملٽي موڊل لا??سٽڪس“ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گو??نر ڊاڪٽر عشرت حسين، معاشي ۽ لا??سٽڪ ماهرن، سرڪاري ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي نمائندن، سفارتڪارن ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته حڪومت ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ لا??ِ موثر قدم کڻي رهي آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جا وسيع امڪان موجود آهن، هن چيو ته حڪومت ٽيڪسٽائيل جي صنعت کي بحال ڪيو آهي جنهن سان 9 سئو ارب روپيا جڏهن ته زرعي صنعت سان لاڳاپيل ماڻهن کي 11 سئو ارب جو اضافي فائدو ٿيو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جو آءِ ٽي جو شعبو اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، گذريل سال فيس بڪ (ميٽا) 5 هزار عورتن کي تربيت ڏني ۽ هو ان جي نتيجي ۾ پنهنجو ڪاروبار ڪاميابي سان هلائي رهيون آهن، هن سال هڪ لک عورتن کي تربيت يافته بڻائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، صدر چيو ته دنيا ۾ بي انتها ترقي ٿي رهي آهي، نوان آئيڊياز پراڻي آئيڊياز کان اڳتي نڪري رهيا آهن جنهن جي نتيجي ۾ موقعا وڌي رهيا آهن، پاڪستان جيڪڏهن انهن موقعن کي جلد سڃاڻيندو ته ان سان ملڪ کي فائدو حاصل ٿيندو، هن چيو ته ملڪ ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت جي شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عورتن کي تعليم ۽ صحت جي فراهمي سان گڏوگڏ معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ گهرجي، هن چيو ته سپلائي چين لا??سٽڪس جي شعبي ۾ دنيا ۾تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي سان سپلائي چين ۾ جدت آڻي سگهجي ٿي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي دنيا ۾ ٿيندڙ ترقي کان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو آهي، ڪانفرنس کي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي اڳوڻي گو??نر ڊاڪٽر عشرت حسين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ملڪ کي اقتصادي طور تي مضبوط بڻائڻ لا??ِ اداره جاتي سڌارن کي متعارف ڪرايو آهي جنهن جو مقصد ادارن ۾ شفافيت ۽ ميرٽ کي فروغ ڏيڻ آهي، حڪومت سان نجي شعبي جو سهڪار ملڪ جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پي آءِ اي، ريلوي ۽ ٻين ادارن ک?? فعال بڻائڻو پوندو.
سپلائي چين لاجسٽڪس جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت