اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) قو??ي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته معاشي طور تي خودمختيار ٿيڻ لاءِ ضرورتمند?? جي مدد سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو، اخوت فائونڊيش?? جي بنا وياج قرض واري سروس خاص طور تي ضرروتمند عورتن لاءِ واکاڻ جوڳي ۽ حوصلي واري آهي، عوام کي درپيش معاشي چئلينجز لاءِ اخوت فائونڊيش?? جي تعاو?? جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ اخوت فائونڊيش?? جي باني ۽ چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. اسپيڪر راجا پرويز اشرف صحت ۽ تعليم جي شعبي ۾ اخوت جي منصوبن کي ساراهيندي انه?? شعبن ۾ اخوت جي دلچسپي کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته اخوت گوجر خان ۾ پنهنجي خدمتن کي وڌائيندو ڇو ته گوجر خان ۾ تقريبن پنج هزار جي لڳ ڀڳ ماڻهو اخوت جي تعاون مان مستفيد ٿيا آهن، هن ايندڙ هفتي گوجر خان ۾ اخوت جي سيمينار ۾ شرڪت تي به آمادگي ظاهر ڪئي، اخوت فائونڊيش?? جي چيئرپرسن ڊاڪٽر امجد ثاقب اسپيڪر کي ننڍو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرض?? جي اسڪيم?? جي باري ۾ ٻڌايو. هن چيو ته اخوت پنهنجي خدمتن ۾ صحت، تعليم جي شعبي جو به آغاز ڪيو آه??، هن چيو ته تازو ئي اخوت چڪوال ۾ يونيورسٽي جو آغاز ڪيو آه??، هن اسپيڪر راجا پرويز اشرف کي چڪوال يونيورسٽي ۾ مدعو ڪيو. هن اسپيڪر کي اخوت جي نوجوانن کي آن لائن ڪاروبار جهڙوڪ ايميزون وغيره جي تربيت ??يڻ جي نون منصوب?? جي باري ۾ آگاهه ڪيو.
معاشي طور تي خودمختيار ٿيڻ لاءِ ضرورتمندن جي مدد سان ملڪ ۾ معاشي استحڪام ايندو: راجا پرويز اشرف
مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب