اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف چيو آهي ته توانائي جي مقامي وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ٿر جو ڪوئلو اسان جي توانائي ضرورتن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو، اسان درآمدي ڪوئلي بدران مقامي ڪوئلي سان سستي ب??لي پيدا ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم محمد ش??باز شريف ٿرڪول جي پهچ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪئي. ريلوي واري سيڪريٽري اجلاس کي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت موجب پاڪستان ريلوي 23 مارچ 2023ع تائين ڇور کان اسلام ڪوٽ (ٿرپارڪر) 105 ڪلوميٽر ڊگهو ٽريڪ وڇائي ٿر جو مقامي ڪوئلو سڄي ملڪ ۾ موجود ب??لي گهرن، سيمنٽ ۽ سرهون ٺاهڻ جي ڪارخانن کي مهيا ڪري سگهندو. منصوبي جي مجموعي لاڳت 58 ارب رپيا آهي جنهن ۾ وفاقي حڪومت ۽ سنڌ جي صوبائي حڪومت جو اڌواڌ حصو آهي. وزيراعظم منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪئي ۽ انهن کي هدايت ڪئي ته ٿرڪول مان ڪوئلي جي دستيابي ۽ مقامي منڊي ۾ ان جي طلب جو ڪاٿو لڳائي ايندڙ 72 ڪلاڪن ۾ ت??صيلي رپورٽ پيش ڪن. ڪميٽي جي ٻين ميمبرن ۾ ريلوي ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، وزيراعظم جو خاص معاو?? ڊاڪٽر جهانزيب خان، ڊي جي ايف ڊبليو او، لاڳاپيل وزارتن جا سيڪريٽريز ۽ ماهر شامل آهن. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي ۽ هوابازي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، خاص معاوني?? ڊاڪٽر جهانزيب خان، ظفرالدين محمود، سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز احمد ش??خ ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.
ٿر جو ڪوئلو اسان جي توانائي ضرورتن کي بهتر طور پورو ڪري سگهي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados