اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ چين جي سيڙپڪاري، توا??ائ?? ۽ بجلي جي بنيادي ڍانچي ۾ تعاون سان ائٽمي هائيڊل سولر ۽ ونڊ انرجي تي ٻڌل پاڪستان جي انرجي م??س کي سگهارو بڻائڻ جي صلاحيت جي فروغ ۽ ملڪ جي توا??ائ?? جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي، اسان کي ڪوئلي ۽ تيل تي ٻڌل توا??ائ?? جي ذريعن سان گرين هائوس گئسز جي اخراج کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ موثر ۽ اهم ٽيڪنالاجي جي استعمال کانسواءِ شمسي ۽ هوا جهڙي متبادل ۽ قابل تجديد توا??ائ?? جي ذريعن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ??ائ??ا انرجي انٽرنيشنل گروپ ڪمپني لميٽيڊ جي جنرل مئنيجر ليو شيو فنگ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پنهنجي وفد سان گڏ ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران صدر کي نيلم جهلم، داسو، سُوڪي ڪناري، آزاد پتڻ ۽ مهمند هائيڊرو پاور پراجيڪٽس ۽ ڪراچي ڪي ٽو، ڪي ٿري، برقي ڪمبائنڊ سائيڪل پاور پراجيڪٽ، جهمپير ونڊ پاور پراجيڪٽس ۽ ايم فور موٽروي منصوبن بابت بريفنگ ڏني وئي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي هماليه کان اُونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي ۽ هر گذرندڙ ڏي??هن سان گڏ مضبوط ٿي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي قيادت ۽ عوام جي وچ ۾ گرمجوشي وارا لاڳاپا پاڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو بنياد آهن. صدر چيو ته سي پيڪ هڪ ڊگهي مدي وارو منصوبو آهي، جيڪو ملڪ کي پنهنجي روڊن، بندرگاهن ۽ مواصلاتي نيٽ ورڪ کي بهتر بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ۾ صنعتڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ توا??ائ?? ۽ بجلي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سي پيڪ منصوبن تي هموار ۽ تيزي سان عملدرآمد هڪ مقرر مدي ۾ ان جي م??مل صلاحيتن کي حاصل ڪرڻ کي يقيني بڻائيندو. صدر تازي ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهڻ تي چيني حڪومت ۽ چيني عوام جا به ٿورا مڃيا ۽ ??ائ??ا انرجي انٽرنيشنل گروپ پاران ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۾ تعاون ڪرڻ جي قدمن کي ساراهيو. صدر بجلي ۽ مواصلات بابت مختلف منصوبن جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن شمسي توا??ائ?? تي ٻڌل منصوبن تي ڌيان ڏيڻ ۽ شروع ڪرڻ جي لاءِ ??ائ??ا انرجي جي قدمن کي به ساراهيو. صدر کي بريفنگ ڏي??دي ??ائ??ا انرجي انٽرنيشنل گروپ جي جنرل مئنيجر ليو شيو فينگ چيو ته ??ائ??ا انرجي پاڪستا?? ۾ 1990ع جي ڏهاڪي کان موجود آهي ۽ هو پاڪستا?? ۾ 12 ملين ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري سان گڏ 21 ميگا پراجيڪٽس ۾ شامل آهي. هن چيو ته ??ائ??ا انرجي آزاد پتڻ 700.7 ميگاواٽ ۽ سُوڪي ڪناري ۾ 870 ميگاواٽ جي ٻن منصوبن ۾ 3.5 بلين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. هن چيو ته ڪمپني توا??ائ?? جي استحڪام، چرپر جي رابطن ۽ پاڪستان جي عوام جي سماجي خوشحالي جي لاءِ به ڀرپور طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي.
صدر سان چائنا انرجي انٽرنيشنل گروپ ڪمپني جي جنرل مئنيجر جي وفد سميت ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار