اسلام آباد– 30 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگ??يب پشاور ۾ پوليس لائينز جي مسجد ۾ خودڪش حملي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن جو مسجد تي حملو اسلام، قرآن، مسلمانن ۽ پاڪستان سان نفرت جو ثبوت آهي. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگ??يب شهيدن کي خراج عقيدت ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جا دشمن غلط فهمي جو شڪار آهن ته معصومن جو رت وهائي دهشتگردي جي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته خ??برپختونخواهه دهشتگردي جي خلاف فرنٽ لائين صوبو آهي، افسوس 10 سالن ۾ ان خطري کي نظرانداز ڪرڻ جي ڏوهاري غلطي ڪئي وئي. هن چيو ته قائد نواز شريف دهشتگردي جو خاتمو آندو هو، هڪ ڀيرو ٻيهر انهي عزم ۽ حڪمت عملي سان ان کي پاڙ کان پٽي اڇلائينداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.
مريم اورنگزيب پاران پشاور پوليس لائينز مسجد ۾ خودڪش حملي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق