اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان ٻطرفي سياسي مشاورت جي لاءِ 31 مئي کان پهرين جون تائين آذربائ??جا?? ۽ جارجيا جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان باڪو ۾ آذربائ??جا?? جي نائب پرڏيهي وزير ??لنور ممدوف سان پاڪستان آذربائ??جا?? ٻطرفي سياسي مشاورت جي گڏيل صدارت ڪندو. ڳالهه ٻولهه دوران ٻئي ملڪ سياسي، اقتصادي، توانائي، تعيلم ۽ ثقافت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن جو جائزو وٺندا. پرڏيهي سيڪريٽري آذربائ??جا?? جي ڪاروباري برادري جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو ۽ اڪيڊمي ۽ ٿنڪ ٽينڪس جي ماهرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڊاڪٽر اسد مجيد خان پهرين جون تي جارجيا سان ٻطرفي سياسي مشاورت جي افتتاحي دور ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. ڳالهه ٻولهه ۾ جارجيا جي وفد جي قيادت نائب پرڏيهي وزير ??ليگزينڊر خوتيشيا شويلي ڪندو. ڳالهين ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويندو. ايجنڊا ۾ ثقافتي، تعليم، سياحت، دفاع ۽ سلامتي جي معاملن ۽ گهڻ رخي فورمن ۾ تعاون شامل آهي. ٻئي ملڪ ٻطرفي سياسي مشاورت جي باضابطا شروعات بابت هڪ مفاهمت جي ياداشت تي پڻ صحيحون ڪندا.
پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان 31 مئي کان پهرين جون تائين آذربائيجان ۽ جارجيا جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان