اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فائيو – اي فريم ورڪ پاڪستان ۾ معاشي ترقي جو گيم چينجر ثابت ٿيندو، ايڪسپورٽس، اي پاڪستان، و??ٽر اينڊ فوڊ سيڪيورٽي، انوائرمنٽ، انرجي ۽ ايڪويٽي ٽرن ارائونڊ پاڪستان جا ٿنڀ آهن، ان فريم ورڪ جي ذريعي روانگي واپار ۾ اضافي جي ??اءِ نئين ڪاروبارن ۽ روزگار جي حوصلا افزائي ٿيندي، تعليم، صحت جي ??روغ ۽ آبادي تي ڪنٽرول سان پاڪستان جي ترقي جي راهه هموار ٿيندي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ هن چيو ته سستي ۽ بنا رڪاوٽ توانائي جي ??راهمي سان معيشت ۽ ڪاروبار ۾ نئين تيزي ايندي، پاڻي ذخيرن ۽ غذائي تحفظ جي ذريعي ماحول بهتر بڻايو ويندو. هن چيو ته اي پاڪستان جي ذريعي نوجوانن کي ترقي جا ??وق??ا ڏينداسين، انهن کي بااختيار بڻايو ويندو. هن چيو ته جي ڊي پي جي ??حاظ کان فسڪل خساري جو 4.9 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.6 سيڪڙو تي اچڻ وڏي ڪاميابي آهي، اهو حڪومت جي صحيح معاشي پاليسي جو مثبت نتيجو آهي. هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 76 سيڪڙو گهٽتائي صحيح معاشي پاليسي جي علامت آهي، و??پاري خساري ۾ 40.4 سيڪڙو گهٽتائي معاشي قدمن جي درستگي کي ظاهر ڪري ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته واپاري خسارو 43.4 ارب ڊالر کان گهٽ ٿي 25.8 ارب ڊالر ٿي ويو آهي جيڪا بهترين طرف شروعات آهي. هن چيو ته درآمدات ۾ 29.2 سيڪڙو گهٽتائي ٿي جنهن جا معاشي صورتحال تي اثر پيا، 72.3 ارب ڊالر جي ??قابلي ۾ درآمدات جو 51.2 ارب ڊالر تي اچڻ معاشي بهتري طرف قدم آهي. هن چيو ته گذريل مالي سال جي 5 هزار 48.2 ارب رپين جي ??قابلي ۾ 6210 ارب رپيا ٽيڪس روينيو گڏ ٿيو. هلندڙ مالي سال جي ??هرين 9 مهينن ۾ 7 لک ايف بي آر ٽيڪس ڏيندڙن جي ??دف جي ??قابلي ۾ اٽڪل 9 لک 12 هزار نئين ٽيڪس ڏيندڙن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. اهو ٽيڪس نيٽ ۾ اضافي جو ث??وت آهي. هن چيو ته 1.15 ٽريلين رپين جي ??فاقي ترقياتي بجيٽ رکڻ سان ملڪ ۾ معآشي سرگرميون تيز ٿينديون ۽ روزگار وڌندو.
فائيو – اي فريم ورڪ پاڪستان ۾ معاشي ترقي جو گيم چينجر ثابت ٿيندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی