اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوري پاڪستاني قوم ۽ سموري اسلامي دنيا کي عيدالاضحيٰ جي م??ارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جو بنيادي فلسفو قرباني، ايثار، خلوص ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي عزيز ترين شيءَ نڇاور ڪرڻ آهي، عيد جي خوشي جي موقعي تي ??سا?? کي پنهنجي جانورن جي قرباني جو گوشت غريبن ۾ ورهائڻ کانسواءِ به جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي م??تاجن ۽ ضرورتمندن جي امداد ڪرڻ گهرجي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مان ??يدالاضحيٰ ۽ عظيم اسلامي عبادت حج جي موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ سموري اسلامي دنيا کي م??ارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ دعاڳو آهيان ??ه هو ??سا?? جي قربانين ۽ عبادتن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي. وزيراعظم چيو ته عيدالاضحيٰ جي هن خوشي جي موقعي تي الله تعاليٰ آڏو پيش ڪيل قرباني ??سا?? کي حض??ت ابراهيم خليل الله عليه السلام ۽ ان ??ي لخت جگر حض??ت اسماعيل ذبيح الله عليه السلام جي ياد ڏياري ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو ته ??سا?? جي دنياوي رتبي کان قطعي نظر ??سا?? تيستائين الله جي بندگي ۽ مڪمل اطاعت جا دعويدار نه ٿا ٿي سگهون جيستائين ??سا?? خالق ۽ مالڪ جي بارگاهه ۾ پنهنجي بهترين ۽ محبوب شيءَ جي قرباني جو جذبو ۽ حوصلو نٿا رکون ٿا، عيدالاضحيٰ جو بنيادي فلسفو قرباني، ايثار ۽ خلوص ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي عزيز ترين شيءَ نڇاور ڪرڻ آهي. هن چيو ته عيد جي هن خوشيءَ جي موقعي تي جتي ??سا?? پنهنجي جانورن جي قرباني جو گوشت غريبن ۾ ورهايون گڏوگڏ اهو به ضروري آهي ته گوشت کانسواءِ به جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي م??تاجن ۽ ضرورتمندن جي امداد ڪريون ته جيئن ??سا?? جا اهڙا هم وطن ڀينر ۽ ڀائر جيڪي م??اشي طور تي ڪمزور آهن اهي به انهن خوشين کي ڀرپور طريقي سان ملهائي سگهن. هن چيو ته قرباني جي عيد ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته مسلمانن جي اندر اهو ئي روح، اسلام ۽ ايمان ??ي اها ئي ڪيفيت ۽ خدا سان محبت ۽ وفاداري جو اهو ئي شان پيدا ٿئي جنهن جو مظاهرو حض??ت ابراهيم عليه السلام ۽ حض??ت اسماعيل عليه السلام پنهنجي زندگي ۾ ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هن قرباني جي عيد تي غريبن ۽ مسڪينن جي م??د ڪرڻ وقت خاص طور تي پنهنجي ڀرپاسي اهڙن ماڻهن کي ضرور ياد رکو جيڪي گذريل سال ٻوڏ جي تباهين سبب بي گهر ٿيا، مون کي ڀرپور احساس آهي ته پاڪستان هن وقت مهانگائي جي لپيٽ ۾ آهي جيڪا گهڻو ڪري ٻاهرئين عملن سان پيدا ٿيل ناڻي واڌ ۽ ٻاڙائي جي اثرن جي ڪري آهي، حڪومت پنهنجون سموريون توانائيون عوامي ريليف تي لڳائي رهي آهي ۽ ??سا?? بجيٽ ۾ به پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ مزدور کي جيتري قدر ٿي سگهيو ريليف ڏنو آهي. هن چيو ته عيدالاضحيٰ جي هن مبارڪ موقعي تي منهنجي اها دعا آهي ته الله تعاليٰ پوري اسلامي دنيا کي امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو گهوارو بڻائي ۽ دنيا ۾ جتي جتي م??لمان مصيبتن جو شڪار آهن، خاص طور تي ڪشمير ۽ فلسطين جي م??لوم ڀينرن ۽ ڀائرن جون مشڪلاتون ۽ پريشانيون کي ختم ڪري. وزيراعظم چيو ته قرباني جي تعليم ۽ حج جو پيغام امن، برداشت، ڀائيچاري ۽ الله تعاليٰ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ آهي، انهن ئي مقصدن ک?? حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ عيدالاضحيٰ جو صحيح حق ته ان وقت ادا ٿيندو جڏهن ??سا?? ان ??ي گهرجن کي پورو ڪنداسين ۽ ان ??ي ضرورت، اهميت، افاديت ۽ مقصديت تي غور فڪر ڪري ان کي عملي جامعو پارائينداسين.
عيدالاضحيٰ جو بنيادي فلسفو قرباني، ايثار ۽ خلوص ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي عزيز ترين شيءَ نڇاور ڪرڻ آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جو عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری ٹکٹ