ڪراچي – 11 – آگسٽ (اي پي پي) پا??ستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پا??ستاني نوجوانن کي ملڪ جي بهتر مستقبل جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان جا نوجوان هر چئلينج جو مقابلو ۽ هر شعبي ۾ قيادت جي لاءِ پرعزم آهن، هاڻي پا??ستان جي ترقي کي ڪير به روڪي نه سگهندو. بلاول هائوس جي ميڊ??ا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي عالمي ڏينهن ??ي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان کي پورو يقين آهي ته خوشحال، مضبوط ۽ ترقي پسند پا??ستان جي تعمير جي لاءِ اسان جو نوجوان نسل هر شعبي ۽ محاذ تي قيادت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿ??. ه?? چيو ته پا??ستان هڪ خوشنصيب ملڪ آهي ته ان جي 63 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 15 کان 33 سالن جي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي، تنهن ڪري پا??ستان جو سڀ کان وڏو سرمايو اسان جا نوجوان آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پا??ستان پيپلزپارٽي نوجوانن جي صلاحيتن کي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ ۽ انهن کي ان حوالي سان وڌ کان وڌ موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ڪو موقعو نه وڃاي??. ه?? چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقارع لي ڀ ٽو پنهنجي وزارت عظميٰ جي دور ۾ نوجوانن کي جيتريون نوڪريون ڏنيون، ان کان اڳ ڪڏهن ائين نه ٿيو هو. قائد عوام ته نوجوانن جي هڪ وڏي انگ کي دوست ملڪن ۾ پڻ روزگار ڏياريو هو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو بابت ته هر ماڻهو جي زبان تي هو ته ”بينظير ايندي، روزگار ڏيندي“. هن چيو ته پا??ستاني نوجوانن کي گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ آخري ڀيرو سڀ کان وڌيڪ نوڪريون ۽ روزگار جا موقعا اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي قيادت ۾ عوامي حڪومت ۾ مليا هئا. پيپلزپارٽي چيئرمين چيو ته پا??ستان پيپلزپارٽي اڄ جي نوجوانن کي درپيش مسئلن ۽ مشڪلاتن کان مڪمل طور تي آگاهه آهي، نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگا جي موقعن جي بنا ڪنهن فرق جي فراهمي پا??ستان پيپلزپارٽي جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. هن چيو ته نوجوان مايوس نه ٿين، اسان سڀ گڏجي محنت ڪنداسين نوجوانن جي لاءِ معياري تعليم ۽ روزگار کي يقيني بڻائينداسين. اسان ڪوڙا واعدا نه ٿا ڪريون، جيڪي واعدا ڪريون ٿا اهي پورو به ڪري ڏيکاريون ٿا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان گڏيل قومن جي هلندڙ سال جي ٿيم (Skills for Youth: Towards a Sustainable World Green) جي پڻ حمايت ڪئي ۽ زور ڏنو ته پا??ستاني نوجوانن کي ماحولياتي تبديلين ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇو ته اسان جو ملڪ موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي.
نوجوان ملڪ جي بهتر مستقبل جي ضمانت آهن، اسان جا نوجوان هر چئلينج جو مقابلو ۽ هر شعبي ۾ قيادت جي لاءِ پرعزم آهن: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعداد و شمار