اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وا??ي نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته اسان جو نوجوان نسل ??اشعور آهي، انهن جي ملڪ سان وا??ستگي تمام گهري آهي، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي ڇو ته اهي ئي محب وطن ٻار اسان جي مستقبل جا معمار آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ماڊل ڪاليج ايف سڪس ٽو ۾ منعقد دفاع جي ڏهاڙي جي تقريب ۾ ڪيو. نگران وفاقي وزير چيو ته قوم جو درد ۽ احساس انهن جي رڳ رڳ ۾ ڀريل آهي، پاڪستان دفاع ڏهاڙو اسان کي ان ڏينهن جي ياد ڏياري ٿو جڏهن پاڪستان جي شهيدن، بهادر جوانن ۽ غيرتمند پاسبانن پاڪستان جي دفاع لاءِ سرحدن تي پنهنجي بهادري ۽ شجاعت جو مظاهرو ڪيو، انهن جي شجاعت جي ناقابل يقين ڪارنامن جو ڪو مثال نه ٿو ڏئي سگهجي. تقريب ۾ ڊي جي ايف ڊي اي امجد احمد ڊائريڪٽر ڪاليجز عرفان احمد جاويد مرزا ۽ ٻيا موجود هئا. جڏهن ته آجياڻي وا??ي خطاب ۾ پرنسپل پروفيسر عاليه دراني چيو ته گذريل سال سندس اداري جو جي پي اي سم??رن ڪاليجز ۾ اول رهيو ۽ بورڊ ۾ ٻي پو??يشن پڻ حاصل ڪئي، گرائونڊ جي سهولت نه هجڻ جي باوجود انٽر بورڊ اسپورٽس ۾ شاگردن فتح حاصل ڪئي. عريبه ماهه نور، آيت فاطمه ۽ ٻين پاڪ فوج جي خدمتن ۽ 1965ع جنگ جي حوالي سان خوبصورت ٽيبلو پيش ڪيا ۽ خوب داد حاصل ڪيو.
اسان جو نوجوان نسل باشعور آهي، انهن جي ملڪ سان وابستگي تمام گهري آهي: نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : estratégias para loteria