گڏيل قومون – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ عالمي برادري تي زور ڏنو آهي اها ايس ڊي جيز سمٽ ۽ خاص طور تي ايس ڊي جيز جي حوالي سان ڪيل سمورن واعدن تي عملدرآمد ڪري. ”ترقي جي لاءِ مالي مدد“ بابت ??عليٰ سطحي مڪالمي دوران نگران وزيراعظم چيو ته ترقي يافته ۽ اسرندڙ م??ڪن جي وچ ۾ وڏي مالياتي فرق کي ڏسندي انهن کي پائيدار ترقياتي هدف (ايس ڊي جيز) حاصل ڪرڻ جي لاءِ نج?? سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي نظام کي اسرندڙ م??ڪن ۾ پبلڪ پرائيويٽ سيڙپڪاري جي امڪانن جي سببن کي حل ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ سيڙپڪاري جا منصوبا، سرمائي جي وڌيڪ لاڳت، ريگيوليٽري فريم ورڪ ۽ ايس ڊي جيز بابت ??ئنڪنگ منصوبا شامل آهن. هن اسرندڙ م??ڪن کي ايس ڊي جيز جا منصوبا حاصل ڪرڻ ۽ انهن تي عملدرآمد ۾ مدد جي لاءِ گڏيل قومن جي سمورين آفيسن ۽ ايجنسين جي استعمال تي پڻ زور ڏنو. هن چيو ته اسرندڙ م??ڪن کي به ايس ڊي جيز حاصل ڪرڻ جي لاءِ نج?? سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم سمورين ڌرين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ ۽ اسرندڙ م??ڪن کي پنهنجي قومي منصوبن کي تيزڪرڻ جي قابل بڻائڻ تي زور ڏنو.
عالمي برادري ايس ڊي جيز جي حوالي سان ڪيل سمورن واعدن تي عملدرآمد ڪري: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن