ا??لا?? آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪي يونيورسٽين ۾ نوان شعبا شروع ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ معياري گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ يونيورسٽين کي آن لائين تعليم جي نظام کي پڻ استعمال ۾ آڻڻ گهرج??. ا??ڙن خيالن جو اظهار هن ڪامسيٽس يونيورسٽي ا??لا?? آباد جي سينيٽ جي ڇهين اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪامسيٽس، سيڪريٽري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ سيڪريٽري وفاقي تعليم سميت سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ??ئ??. ا??وان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪي يونيورسٽين جي معاملن تي وقت سر فيصلاساز?? جي لاءِ سينيٽ اجلاس باقاعدگي سان ۽ وقت سر منعقد ڪيا وڃن، سمورين يونيورسٽين ۽ لاڳاپيل وزارتن کي سينيٽ ميمبرن جون خالي سيٽون وقت سر ڀرڻ جي ضرورت آهي جڏهن ته يونيورسٽين کي انتظامي ۽ تدريسي جاين تي ميرٽ تي ڀرتي جو عمل پڻ وقت تي شروع ڪرڻ گهرجي. هن زور ڏنو ته يونيورسٽيون مارڪيٽ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نوان شعبا شروع ڪن، يونيورسٽين ۾ نئين شعبن ۾ درس ۽ تدريس شروع ڪرڻ کان اڳ مارڪيٽ جي ضرورتن جو جائزو پڻ وٺڻ گهرجي. صدر يونيورسٽين تي زور ڏنو ته اهي شاگردن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب تعليم ۽ هنر فراهم ڪن. هن چيو ته پاڪستان ۾ يونيورسٽين ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن جو انگ خط?? جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تم??م گهٽ آهي، يونيورسٽيون معياري گريجوئيٽس جو انگ وڌائڻ جي لاءِ آن لائين تعليم جو سهارو وٺن. اهڙي طرح يونيورسٽيون آمدني وڌائڻ جي لاءِ نوان رستا ڳولين ۽ تحقيقي گرانٽس حاصل ڪرڻ جي لاءِ پروفيشنلز جي مدد وٺن. اجلاس ۾ ڪامسيٽس يونيورسٽ?? جي مالي، انتظامي، تعليمي ۽ ملازمن سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ملڪي يونيورسٽين ۾ نوان شعبا شروع ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil