اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پ??ڪس??ان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز، گڏ??ل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامز سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ گڏ??ل هدفن جون راهون ڳولڻ پ??ڪس??ان جي بزنس ڪميونٽي ۽ عوام جي دل جو آواز آهي، اسان کي يقين آهي ته اسان جا گڏ??ل لاڳاپا بدلجندڙ گهرجن ??وجب شاندار مستقبل طرف وڌندا رهندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملاقات جي لاءِ آيل روس جي سفير دانيلا گينيچ سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ميڊيا سميت مختلف شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ملاقات ۾ روس جي اطلاعات واري وزير جي پ??ڪس??ان جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته روس جي اطلاعات واري وزير کي پ??ڪس??ان جي دوري جي باضابطا دعوت ڏني ويندي. ملاقات ۾ روس جي اطلاعات واري وزير جي دوري جي موقعي تي اي پي پي ۽ طاس نيوز ايجنسي، پي ٽي وي ۽ روسي ٽيليويزن ۽ روسي ريڊيو ۽ ريڊيو پ??ڪس??ان جي وچ ۾ ممڪن معاهدن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي رابطن، سلامتي، معيشت، تعليم، ثقافت ۽ س??احت سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير پ??ڪس??ان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز، گڏ??ل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامز سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته پ??ڪس??ان روس سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پ??ڪس??ان روس سان ميڊيا، ڊرامي، فلمز جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ چاهي ٿو. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۽ روس جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۾ تقريب منعقد ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران وفاقي وزير چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏ??ل رابطن جو سلسلو ڊگهي عرصي تي ٻڌل آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مضبوط بڻائڻ ۽ گڏ??ل هدفن جون راهون ڳولڻ پ??ڪس??ان جي بزنس ڪميونٽي ۽ عوام جي دل جو آواز آهي. هن چيو ته اسان کي يقين آهي ته اسان جا گڏ??ل لاڳاپا بدلجندڙ گهرجن ??وجب شاندار مستقبل طرف وڌندا رهندا. ان موقعي تي روس جي سفير چيو ته پ??ڪس??ان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا سميت زندگي جي هر شعبي ۾ تعاون موجود آهي. روس پ??ڪس??ان سان ميڊيا سميت زندگي جي ٻين شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي. روس ۾ پ??ڪس??اني ڊرامن کي تمام گهڻي مقبوليت حاصل آهي.
پاڪستان ۽ روس جي وچ ۾ ميڊيا، ڊرامي، فلمز، گڏيل پروڊڪشنز ۽ تربيتي پروگرامز سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável