سرينگر – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن چيو آهي ته ڀارت 1947ع کان ڪش??ير??ن جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي جڏهن هن دوکيبازي ۽ طاقت جي زور تي ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرقانوني طور تي قبضو ڄمائي ورتو هو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مولوي بشير عرفاني، سيد بشير اندرابي، محمد ياسين عطائي، خواجه فردوس، ياسمين راجا، زمروده حبيب، فر??ده جي، جاويد احمد مير، فياض حسين جعفري، سيد سبط شبير قمي، محمد شفيع لون، هلال احمد وار، مولانا مصيب ندوي، شفيق الرحمان، پير سيد تصدق، ايڊووڪيٽ ارشد اقبال ۽ محمد عاقب سرينگر ۾ جاري پنهنجي بيانن ۾ چيو ته ڀارت 27 آڪٽوبر 1947ع تي ورڇ ٿيل ننڍي کنڊ جي فارمولي جي کليل خلاف ورزي ڪندي ۽ ڪش??ير??ن جي خواهشن جي ابتڙ ڄمون ۽ ڪشمير تي قبضو ڪيو جنهن کي ڪش??ير??ن ڪڏهن به قبو?? نه ڪيو ۽ اهي ان ناجائز قبضي جي خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري خطرو آهي ۽ گڏيل قومن ڪش??ير??ن جي خودمختياري جي حق کي تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته مودي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع کانپوءِ والاريل علائقي ۾ ظلمن ۾ تيزي آندي آهي، هن ڪش??ير??ن جا سمورا بنيادي حق سلب ڪري رکيا آهن ۽ هو والاريل علائقي ۾ مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ جي ڪڌي پاليسي تي عمل ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڪش??ير?? 27 آڪٽوبر کي ڪا??ي ڏينهن طور ملهائيندا ته جيئن دنيا تي واضح ڪري سگهجي ته اهي پنهنجي وطن تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي کي قبو?? نه ٿا ڪن ۽ جيستائين انهن جي خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي اهي پنهنجي پرامن جدوجهد جاري رکندا.
ڀارت 1947ع کان ڪشميرين جي نسل ڪشي ڪري رهيو آهي: ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر