اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پا??لي??ماني معاملن وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پيمرا جي چيئرمين محمد سليم بيگ جي وڏي ڀ??ءُ ظفر بيگ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ پيمرا چيئرمين جي آفيس ويو ۽ پيمرا چيئرمين محمد سليم بيگ جي ڀ??ءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ۽ ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پا??لي??ماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پيمرا چيئرمين جي ڀ??ءُ ظفر بيگ جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي افسوس ٿيو. مرحوم جو لاڏاڻو ڏکويل خاندان جي لاءِ وڏو صدمو ۽ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي وڏي عرصي تائين ڀري نه ٿو سگهجي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. اطلاعات ۽ پا??لي??ماني معاملن واري نگران وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم ظفر بيگ کي جنت ۾ اعليٰ مقام ڏي ۽ پونئيرن کي صبر عطا فرمائي.
نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي جي پيمرا جي چيئرمين سان سندس وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ