اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا اليڪشن پرامن منعقد ڪرڻ تي پوري قوم کي مبا??ڪو?? ڏيندي چيو آهي ته چونڊن جي پرامن منعقد ٿيڻ جهڙ?? اهم ترين قومي فرض ۽ آئيني ذميواري جي تڪميل ۾ ڪميشن جي سرخرو ٿيڻ تي الله پاڪ جو شڪر گذار آهيان. قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر پاڪستاني عوام ۽ سمورن ادارن سميت قومي ۽ صوبائي نگران حڪومتن، سياسي پارٽين، سيڪيورٽي ادارن، ??وليس ۽ سول ايڊمنسٽريشن، ??اڪستان آرمي، قومي ميڊيا، ووٽرز، رٽرننگ آفيسرن، ??رزائيڊنگ آفيسرن ۽ ٻي پولنگ عملي سان گڏوگڏ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، ساٿين ۽ پنهنجي ٽيم جو به شڪريو ادا ڪيو جن جي ڏينهن رات جي محنت سان ان عظيم ذميواري جي تڪميل ۾ ڪاميابي نصيب ٿي. هن چيو ته اڃان اسان پنهنجي ذميواري جو هڪ حصو مڪمل ڪيو آهي، پولنگ جي عمل جي تڪميل ٿي آهي ۽ هاڻي غير حتمي نتيجن جي تياري جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، مون کي اميد ۽ اعتماد آهي ته اسان جا رٽرننگ آفيسر ان اهم ڪم جي تڪميل ۾ انتهائي ذميواري جو مظاهرو ڪندا ۽ نتيجن جي وقت سر تربيت ۽ فراهمي کي ممڪن بڻائيندا.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا پاران اليڪشن پرامن منعقد ڪرڻ تي پوري قوم کي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا