اسلام آباد- 11 جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال 25-2024ع لاءِ 18 ٽريلين روپين کان وڌيڪ ماليت جي وفاقي بجيٽ اڄ اربع ڏين??ن پارليامينٽ هائوس ۾ پيش ڪندي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قيادت ۾ موجوده اتحادي حڪومت جي اها پهرين وفاقي بجيٽ آهي. وفاقي حڪومت اندروني ۽ پرڏيهي ٻنهي سطحن تي درپيش چئلينجز وچ ۾ پنهنجي پهرين بجيٽ پيش ڪري رهي آهي. ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اربع جي شام قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ بجيٽ پيش ڪندو جڏهن ته انهي وقت بجيٽ دستاويز سينيٽ ۾ به پيش ڪيا ويندا. نئين مالي سال لاءِ ايف بي آر جي محصولن جو هدف 12 هزار ارب روپين کان وڌيڪ رکڻ جو امڪان آهي، وفاق ۽ صوبن جي سالياني ترقيات?? پروگرام جو ڳاڻيٽو 3.792 کرب روپيا رکڻ جو امڪان آهي جنهن سان مجموعي قومي پيداوار جي شرح ۾ اضافو ممڪن ٿي سگهندو جيڪو هلندڙ مالي سال دوران 2.4 سيڪڙو رهيو. نئين مالي سال ۾ مجموعي قومي پيداوار ۾ اضافي جو هدف 3.6 سيڪڙو کان وڌيڪ رکڻ جو امڪان آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت جي سالياني ترقيات?? پروگرام جو ڳاڻيٽو 1221 ارب روپيا رکڻ جو امڪان آهي. نئين مالي سال ۾ وفاقي حڪومت 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ بحالي ۽ نئين سر ت??مير جي ڪوششن ۾ تيزي آندي ويندي ۽ ان ڏس ۾ 5 ايز جا قدم لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو. نئين مالي سال جي سالياني ترقيات?? پروگرام جي جوڙجڪ ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي سفارشن ۽ هدايتن کي به نظر ۾ رکيو ويو آهي، نئين مالي سال جي سالياني ترقيات?? پروگرام ۾ شعبي وار ح??مت عملي، بنيادي ڍانچي جي ترقي، صنعتي سرگرمين ۾ اضافو، توانائي ۾ ڪفايت، آبي وسيلن جي ترقي، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات کي بهتر بڻائڻ، سماجي شعبن، سائنس ۽ آءِ ٽي، گورننس، پيداواري شعبن ۾ متوازن علائقائي ترقي کي يقيني بڻايو ويو آهي. حڪومت ملڪي ۽ عالمي محاذن تي معيشت کي درپيش موجوده چئلينجن ۽ مشڪلاتن جي ڏس ۾ بجيٽ تيار ڪري رهي آهي جنهن جي اڪثر نقطن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ عوام جي اهنجن کي گهٽ ڪرڻ، زرعي شعبي ۾ بهتري آڻڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي ڏيڻ ۽ روانگي واپار ۾ اضافي تي خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي. نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ مالياتي انتظام کانسواءِ محصول کي متحرڪ ڪرڻ، معاشي استحڪام ۽ اوسر لاءِ قدم، غير ت??قياتي خرچن ۾ گهٽتائي، روزگار جي موقعن ۾ اضافو ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي خوشحالي لاءِ عوام دوست پاليسيون شامل هونديون. ذريعن ٻڌايو ته نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ لاءِ سموريون تياريون مقرر نظام ۽ وقت موجب زور شور سان جاري آهن.
ايندڙ مالي سال 25-2024ع جي وفاقي بجيٽ اڄ پيش ڪئي ويندي، نئين مالي سال لاءِ ايف بي آر جي محصولن جو هدف 12 هزار ارب روپين کان وڌيڪ رکڻ جو امڪان، سالياني ترقياتي پروگرام جو ڳاڻيٽو 1221 ارب روپيا رکڻ جو امڪان آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر