اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي پروٽيڪٽيڊ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ سڀني ڊسڪوز جي ڊيٽا طلب ڪئي آهي. گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي صد??رت هيٺ گهرو وزارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو. محسن نقوي پروٽيڪٽڊ صارفين کي نان پروٽيڪٽڊ ڪيٽگري ۾ شامل ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايف آءِ اي جي سمورن ڊائريڪٽرز کي ڊسڪوز جي ڊيٽا کي چيڪ ??ري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن 3 ڏينهن ۾ ايف آءِ اي ڊائريڪٽرز کي سموريون شاهديون گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. گهرو وزير چيو ته سڀني شاهدين جي جامع رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي، پروٽيڪٽيڊ صارفين سان ناانصافي جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي. محسن قوي ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي نارٿ کي پشاور، لاهور، گوجرانوالا ۽ فيصل آباد پاڻ وڃ?? صورتحال جو جائزو ??ٺڻ ۽ ڊيٽا جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شاهدين جو جائزو ??ٺي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اوور بلنگ جي معاملي جو جائزو ??رتو ويو. ايف آءِ اي اختيارين اوور بلنگ تي بريفنگ ڏني. گهرو وفاقي سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي هيڊ ڪوارٽر، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ايف آءِ اي نارٿ ۽ لاڳاپيل اختيارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايف آءِ اي جا سمورا ڊائريڪٽرز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
وفاقي وزير محسن نقوي جي صدارت هيٺ اجلاس، پروٽيڪٽيڊ صارفين کي رليف ڏيڻ لاءِ سڀني ڊسڪوز جي ڊيٽا طلب
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا