اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري و??اق?? وزير احسن اقبال جي صدارت هيٺ تعليمي ٽاسڪ فورس جو پهريون اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت و??اق?? وزير شزه فاطمه خواجه، سمورن صوبن جي چيف سيڪريٽرين، تعليم واري وزارت، يونيسيف، يو اي?? ڊي پي، اي?? سي ڊي او، يونيسڪو، ورلڊ بئنڪ، اي ڊي بي، ملاله فنڊ، آءِ ٽي اي ۽ غلام اسحاق خان يونيورسٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي و??اق?? وزير احسن اقبال پاڪستان جي تعليمي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايجوڪيشن انڊيڪس جي رپورٽ اسان کي باور ڪرائي ٿي ته اسان کي تعليمي ??عب?? ۾ فوري ۽ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. هن ٻُڌايو ته هن وقت پاڪستان ۾ اٽڪل اڍا??ي ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن جڏهن ته تعليم جي شرح فقط 60 سيڪڙو آهي، جيڪو اسان لاءِ الميو آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد صرف ٻارن کي اسڪولن ۾ داخل ڪرائڻ ناهي پر کين تعليمي سهولتون به فراهم ڪرڻ آهي، هر ٻار کي بنيادي ڪمپيوٽي ۽ جديد فني تعليم سان ليس ڪرڻ ضروري آهي ۽ ان لاءِ جديد گهرجن موجب ليبارٽرين جو قيام به اڻٽر آهي. احسن اقبال استادن جي تربيت کي اهم چئلينج قرار ڏيندي چيو ته استادن کي بهتر تربيت بنا تعليمي سڌارا ممڪن ناهن. و??اق?? وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هر ماڻهو اعليٰ تعليمي يافته پي ايڇ ڊي جي ميدان تائين نٿو پهچي، ان لاءِ ضروري آهي ته ٻارن کي شروعاتي تعليم سان گڏوگڏ جديد ۽ فني مهارتون به سيکاريون وڃن ته جيئن هو عم??ي زندگيءَ ۾ ڪارآمد ثابت ٿي سگهي. احسن اقبال چيو ته 2010ع ۾ 18هين ترميم کانپوءِ تعليم جو ??عب?? صوبن ڏانهن منتقل ٿيڻ سبب تعليمي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي. هن تعليم سان گڏوگڏ صحت ۽ انساني وسيلن تي به ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو ڇاڪاڻ ته پاڪستان دنيا ۾ هيپاٽائيٽس، ٽي بي، ذيابيطس ۽ پوليو جي ڪيسن ۾ سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي جيڪو اسان لاءِ ڳڻتيءَ جوڳو آهي. و??اق?? وزير اجلاس ۾ موجود سمورن اسٽيڪ هولڊز ۽ عالمي شراڪتدارن جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته تعليم ۽ صحت جي ??عب?? ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن خاطري ڪرائي ته و??اق?? حڪومت صوبن کي انهن بنيادي مسئلن ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي پر صوبائي حڪومتن سان گڏجي تعليم ۽ صحت جي ??عب?? ۾ عم??ي قدم کڻندي. اجلاس جي پڄاڻيءَ تي احسن اقبال چيو ته ڪنهن به ملڪ جي ترقيءَ جو دارومدار سڌارن، استحڪام ۽ پاليسين جي تسلسل تي هوندو آهي. ڪوبه معاشرو ان وقت تائين ترقي نٿو ڪري سگهي جيستائين هو استحڪام جي اصولن تي عم?? نه ڪري. هن پڄاڻي تي چيو ته اڄ کان 24 سالن کانپوءِ جڏهن اسان پنهنجي آزاديءَ جا 100 سال مڪمل ڪري رهيا هونداسين، اسان کي اهو سوچڻو آهي ته اسان ڇا حاصل ڪيو ۽ اي??دڙ سالن ۾ اسان ڪٿي بيهڻ چاهيون ٿا.
تعليمي شعبي ۾ فوري ۽ هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي: احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : راکی