اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان جو پنهنجو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري پنهنجي وطن واپس روانو ٿي ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف معزز مهمان کي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ وفاقي ڪابينا جي ميمبرن سان گڏ رخصت ڪيو. ان کان اڳ ار??ع ڏينهن پاڪستان اچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪابينا ميمبرن سان گڏ ملائيشين وزيراعظم جو استقبال ڪيو هو. تفصيل موجب دوري دوران انور ابراهيم اعليٰ سطح جي وفد جنهن ۾ وزير، نائب وزير ۽ اعليٰ عملدار شامل هئا وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نويڪلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪئي جڏهن ته صدر آصف علي زرداري سان لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دوري کانپوءِ ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم پنهنجي ايڪس ٽائيم لائين تي لک??و ته منهنجي پاڪستا??ي هم منصب شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري سان ملاقاتن سان گڏوگڏ صنعتي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ۾ گڏيل دلچسپي جي وسيع پئماني تي لاڀائتا نتيجا نڪتا. هن چ??و ته انهن ملاقاتن سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي اعليٰ قيادت جي عزم جي عڪاسي ٿئي ٿي. ڌرين مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ ٽن مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون پڻ ڪيون. دوري دوران ملاقاتن ۾ ان ڳالهه تي به اتفاق ڪيو و??و ته پاڪستان ملائيشيا کي 20 ڪروڙ ڊالر ماليت جو حلال گوشت ۽ هڪ لک ٽن باسمتي چانور برآمد ڪندو. انور ابراهيم چ??و ته يقيني طور تي پاڪستان پاران گوشت، چانور ۽ پام آئل جي درآمد سميت واپار ۽ زرعي ٽيڪنالاجي جي سمورن شعبن ۾ تعاون ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٻئي ملڪ مصنوعي ذهانت (اي آءِ)، ڊيجيٽل ۽ سيمي ڪنڊڪٽر جهڙن اهم شعبن جي ذريعي هنرمند ڪارڪنن جي شعبي ۾ پڻ تعاون کي سگهه ڏيندا. دوري دوران هڪ خصوصي تقريب ۾ صدر آصف علي زرداري ملائيشين وزيراعظم انور ابراهيم کي نشان پاڪستان ايوا??ڊ سان پڻ نوازيو. کيس نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي (نسٽ) پاران اعز??زي پي ايڇ ڊي جي ڊگري سان پڻ نوازيو ويو جتي هن ليڪچر پڻ ڏنو.
ملائيشيا جو وزيراعظم انور ابراهيم پاڪستان جو ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ