اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جي لاءِ ميڊيا فيسلي ٽي??ن سينٽر جو افتت??ح ڪيو. افتتاح جي موقعي تي اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان، پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) مبشر حسن ۽ اطلاعات واري وزارت جا ٻيا عملدار پڻ موجود هئا. اطلاعات واري وفاقي وزير ميڊيا فيسلي ٽي??ن سينٽر ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ مختلف سيڪشنز جو دورو ڪيو. 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم سربراهه اجلاس جي موقعي تي مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جا نمائندا ميڊيا فيسلي ٽي??ن سينٽر مان فائدو کڻي سگهندا. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ قائم ميڊيا فيسلي ٽي??ن سينٽر ۾ ڪمپيوٽر ليب، هاءِ اسپيڊ انٽرنيٽ، ڊيجيٽل پرنٽر، ڊيجيٽل اسٽوڊيو، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو، ميڊيا لائبريري، ڪانفرنس روم سميت جديد سهولت??ن فراهم ڪيون ويون آهن. ميڊيا فيسلي ٽي??ن سينٽر ۾ پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) پاران ڀرپور انتظام ڪيا ويا آهن. ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبلي ڪيشنز پاران ميڊيا فيسلي ٽي??ن سينٽر ۾ ڊيجيٽل لائبريري پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ميڊيا فيسلي ٽي??ن سينٽر ۾ مقامي ۽ غيرملڪي صحافين جي سهولت لاءِ انفارميشن ڊيسڪ پڻ قائم ڪئي وئي آهي. ايس سي او ڪانفرنس دوران ميڊيا فيسلي ٽي??ن سينٽر ۾ ايس سي اوڪانفرنس جي ڪوريج ڪندڙ صحافين جي لاءِ 24 ڪلاڪ سهولت دستياب هوندي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير بهترين انتظامن تي اطلاعات واري وزارت جي پوري ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ايس سي او اجلاس جي ڪوريج ڪندڙ مقامي ۽ غيرملڪي ميڊيا جي لاءِ ميڊيا فيسلي ٽيشن سينٽر جو افتتاح
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ