اسلام آباد-08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت هر سطح تي بدعنواني کي پا?? کان پٽي اڇل?? لاءِ پرعزم آهي، اسان پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ شفاف، مضبوط ۽ جوابدار معاشري جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اهڙو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرپشن جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 9 ڊسمبر تي ڪرپشن جي خاتمي جو عالمي ڏينهن ملهايو وڃي ٿو جيڪو اسان سڀني کي پنهنجي معاشرن کي درپيش بدعنواني جو مقابلو ڪرڻ جي عالمي ڪوششن جي ياد ڏياري ٿو. هن سال جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”بدعنواني خلاف نوجوانن سان متحد ٿيڻ ۽ سڀاڻ جي سالميت جي جوڙجڪ“ بجا طور تي ان اهم ڪردار کي اجاگر ڪري ٿو جيڪو اسان جا نوجوان بدعنواني خلاف جنگ ۾ ادا ڪري سگهن ٿا. اسان جي نوجوان نسل هڪ اهڙي مستقبل جو حقدار آهي جيڪو ڪرپشن کان پا?? هجي. پا??ستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي ان وچن جي تجديد ڪري ٿو ته پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ شفاف، جامع ۽ جوا??ده معاشري جي جوڙجڪ لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندو. هن چيو ته ڪرپشن ۽ بدعنواني هڪ اهڙو مڪروه عنصر آهي جيڪو ڪنهن به ملڪ جي معاشي ترقي کي نقصان پهچائي ٿو ۽ معاشري جي سماجي حيثيت کي تباهه ڪري ٿو، هي قومن کي انهن جي صلاحيتن کان محروم ڪري ٿو ۽ ماڻهن کي منصفاڻي حڪمراني ۽ برابري جي موقعن جي فائدن کان لطف اندوز ٿيڻ کان روڪي ٿو، هي ??وا??ي خدمتن جي فراهمي کي به بري طرح متاثر ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته ترقي جي لاءِ دسياب وسيلا صحيح طور تي استعمال نٿا ٿين ان ڪري معاشري ۾ اڻبرابري پيدا ٿئي جيڪا عام شهرين جي زندگين کي متاثر ڪري ٿي، هي بدعنواني حڪومتن ۽ ان جي شهرين وچ ۾ عدم اعتماد جو هڪ وڏو سبب آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت هر سطح تي بدعنواني کي پا?? کان پٽي اڇلائ?? لاءِ پرعزم آهي. قومي احتساب بيورو (نيب) ۽ ٻيا قانون لاڳو ڪندڙا دارا ان ڳالهه کي يقيني بڻائ?? لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهن ته جيڪي ماڻهو طاقت جو غلط استعمال ڪن ٿا ۽ ??وا?? جي محنت مان ڪمايل آمدني کي لٽين ٿا انهن کي پنهنجي اعمالن جو منهن ڏسڻو پوي ٿو. اسان پنهنجي ادارن جي محنت کي ساراهيون ۽ معاشري مان بدعنواني کي پا?? کان پٽي اڇلڻ جي ان اهم ڪم ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته حڪومت اڪيلي سر ڪرپشن خلاف جنگ کٽي نٿي سگهي، ان لاءِ هر شهري، هر اداري جي اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته بدعنواني کي بي نقاب ڪرڻ ۾ ميڊيا جو فعال ڪردار آهي، هي ڏينهن انصاف ۽ ديانت تي يقين رکندڙ سمورن ماڻهن کان فعال شرڪت جو مطالبو ڪري ٿو. شفاف ۽ جوابدار معاشري جي تعمير اسان مان هر فرد جي ذميواري آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته مان سمورن پا??ستانين کي اپيل ڪريان ٿو ته هو بدعنواني کان پا?? مستقبل لاءِ اسان جي جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اچو ته اسان گڏجي بيهون، هڪ اهڙو پا??ستان بڻائڻ جي پنهنجي عزم ۾ متحد ٿي وڃون جتي ??وا??ي وسيلن کي اسان جي ماڻهن کي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ موثر طريقي سان استعمال ڪري سگهجي. اچو هڪ اهڙي مستقبل لاءِ گڏجي ڪم ڪريون جتي قانون جي حڪمراني هجي ۽ جتي احتساب سڀني لاءِ بنياد آهي.
حڪومت هر سطح تي بدعنواني کي پاڙان پٽي اڇلائڻ لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا