اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات
واري وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن چيو آهي ته يورپ لاءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر
لائين(پي آءِ اي) جي اڏامن جي شروعات سٺي ڳالهه آهي، هي فلائيٽ آپريشن هن
اداري جي نجڪاري لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي، انشاءُ الله جلد ئي پي آءِ اي کي
برطانيه ۽ آمريڪا ۾ به آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ملندي، پي آءِ اي جي
نجڪاري جي هن وقت تائين جي اڳڀرائي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هاڻي
ماڻهن کي يقين ٿي ويو آهي ته هو يورپ لاءِ پي آءِ اي ۾ سفر ڪري سگهندا.
وفاقي وزير عبدالعليم خ??ن چيو ته انشاءُ الله جلد ئي پي آءِ اي کي برطانيه ۽
آمريڪا ۾ به آپريشنل ڪرڻ جي خوشخبري ملندي. وفاقي وزير چيو ته پي آءِ
اي جي نجڪاري ۾ ايندڙ مسئلا ختم ٿي چڪا ??هن?? هاڻي تيزي سان مرحلا طئي
ٿيندا. هن چيو ته پي آءِ اي جي وڪري لاءِ آءِ ايم ايف ٻن اهم اشوز کي منظور
ڪري ورتو آهي، نون جهازن جي خريداري ت?? 18 ??يڪڙو سيلز ٽيڪس ختم
ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پي آءِ اي جي سمورن نقصانن کي هولڊنگ ڪمپني ۾
منتقل ڪنداسين، پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز کي ڪنهن به پراڻي بقايائن جي
رقم جي ادائيگي کانسواءِ وڪرو ڪنداسين. عبدالعليم خ??ن چيو ته انهن سڌارن
کانپوءِ انويسٽرز لاءِ پي آءِ اي جي خريداري وڌيڪ پرڪشش ٿي ويندي، پي آءِ
اي جي پ??ائيويٽائيزيشن لاءِ معاملا تيزي سان اڪلايا پيا وڃن، جلد خوشخبري
ملندي.
يورپ لاءِ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جي اڏامن جي شروعات سٺي ڳالهه آهي، هي فلائيٽ آپريشن هن اداري جي نجڪاري لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندي: عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار