اسلام آباد-21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خيبر ضلعي
جي علائقي راجگال ۾ سيڪيورٽي آپريشن ۾ فتنه الخوارج جي 4 دهشتگردن کي
جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي ف??رس?? کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ پاڪ فوج جي سپاهي عامر سهيل آفريدي جي شهادت تي
افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شه??د سپاهي لاءِ بخشش ۽ وارثن لاءِ
صبر جي دعا ڪندي چيو ته قوم جي پٽن جون قربانيون رائيگان وڃڻ نه
ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته انسانيت جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾
ملائيندا رهنداسين، حڪوم?? ۽ ??يڪيورٽي ف??رس?? ملڪ مان فتنه الخوارج جي
مڪمل خاتمي لاءِ سرگرم عمل آهن.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا