اسلام آباد- 16 ڊسمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته بدترين دشمنن 16 ڊسمبر تي معصوم ٻ??رن ۽ بيگناهه استادن کي بيگناهه شهيد ڪيو، هي ڏينهن اسان جي عزم جو نشان بڻجي چڪو آهي اسان دهشتگردي خلاف جنگ جاري رکنداسين. معصوم ٻ??رن ۽ استادن پنهنجي رت سان پرامن پاڪستان جو بنياد رکيو. گهرو وزير آرمي پبلڪ اسڪول پشاور جي شهيدن جي ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته وحشي صفت دهشتگردن معصوم گلن جهڙن ٻ??رن کي بيدردي سان شهيد ڪيو. اي پي ايس جا شهيد اڄ به قوم جي دلين ۾ زنده آهن جڏهن ته بزدل دشمنن لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آهي. اي پي ايس جي شهيدن قوم کي دهشتگردي جي ناسور خلاف هڪ ڪيو. هن چيو ته شهيد معصوم ٻار ۽ استاد سڄي قوم جا هيرو آهن ۽ سندن والدين کي سلام پيش ڪيون ٿا. سڄي قوم اڄ اي پي ايس جي شهيدن جي لازوال قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪري رهي آهي.
دشمنن 16 ڊسمبر تي معصوم ٻارن ۽ بيگناهه استادن کي بيگناهه شهيد ڪيو: گهرو وزير محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج