اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بنون اتر وزيرستان ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ خوارجي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪاررواين تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي جنهن ۾ 13 خوارجين کي جهنم واصل ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم انهن ڪاررواين ۾ 13 خوارجي دهشتگردن کي جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پي?? ڪندي انهن جو بهادري سان مق??بلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي ميجر محمد اويس کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيد ميجر اويس جي درجن جي بلندي لاءِ د??ا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته پوري قوم شهيد ميجر اويس کي سلام پيش ڪري ٿي ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک