جنيوا-14 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالهيان سان ملاقات ڪئي ۽ غزه ۽ ان جي ڀرپاس?? تي صورتحال تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. العربيه ا??دو موجب ٻنهي اڳواڻن انساني حق?? جي عالمي منشور کي اختيار ڪرڻ جي 75 هين سالگرهه جي تقريب جي موقع?? تي ملاقات ڪئي ۽ غزه ۾ جنگ بندي ۽ شهرين جي تحفظ لاءِ عالمي برادري جي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت ۽ اهميت تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن تعاون کي هٿي ڏيڻ جي طريقن جو به جائزو ورتو ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معامل?? تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ جنيوا ۾ گڏيل قومن ۾ سعودي عرب جي مستقل نمائندي عبدالحسن بن خثيله ۽ پرڏيهي وزارت جي آفيس جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرحمان الداد به شرڪت ڪئي.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ