گڏيل قومون -25 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي جي آمريڪي فيصلي جي مذمت ڪئي آ??ي ۽ با??ود?? سرنگهن جي نون خطرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. العربيه موجب با??ود?? سرنگهن تي پابندي جي معاهدي تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪمبوڊيا ۾ رٿيل ڪانفرنس ۾ موڪليل تبصري ۾ دنيا ۾ با??ود?? سرنگهن کي ناڪام بڻائڻ ۽ تباهه ڪرڻ واري ڪم کي ساراهيو. هن چيو ته خطرو برقرار آهي، ان ??نوينشن ۾ ڪيترن ئي شرڪت ڪندڙن با??ود?? سرنگهن جي نئين سر استعمال سان ??ڏوگڏ انهن جي هٿيارن کي تباهه ڪرڻ جي معاملي ۾ واعدي خلاف ڪندڙ ڪجهه ملڪ به شامل آهن. هن 164 صحيحيون ڪندڙن کان مطالبو ڪيو آهي، ته اهي پنهنجون زميواريون پوريون ڪن ۽ ان ??نيونشن جي تعميل کي يقيني بڻائين، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو تبصرو گڏيل قومن جي ماتحت سيڪريٽري جنرل ارميڊا سلسيا پهچايو. ڪانفرنس ۾ موجود يوڪريني ٽيم آمريڪي با??ود?? سرنگهن جي سپلاءِ جي باري ۾ اي ??يف پي جي سوالن جواب نه ڏنا. گذريل هفتي آمريڪا اعلان ??يو هو ته هو يوڪرين کي با??ود?? سرنگهون موڪليندو. ان اعلان ??ي انساني حقن جي ڪارڪنن فوري طور تي تنقيد جو نشانو بڻايو. ڪمبوڊيا جي وزيراعظم هن مانيٽ ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته سندس ملڪ کي هن وقت تائين 1600 چورس ڪلوميٽر (618 چورس ميل) کان وڌيڪ زمين صاف ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪا 10 لک کان وڌيڪ ماڻهن جون زندگيون متاثر ڪري رهي آهي. ڪمبوڊيا ۾ 1979ع کان هن وقت تائين با??ود?? سرنگون ۽ نه ڦاندڙ هٿيارن سان اٽڪل 20 هزار ماڻهو فوت ۽ ان ??ان ٻيڻا ماڻهو زخمي ٿي چڪا آهن. با??ود?? سرنگن تي پابندي جي عالمي مهم آءِ سي بي ايل گذريل ڏينهن ٻڌايو ته گذريل سال سڄي دنيا ۾ 5757 ماڻهو با??ود?? سرنگن ۽ ڌماڪي خيز مواد جو نشانو بڻيا جنهن مان 1983 فوت ٿي ويا. بيان ۾ چيو ويو آهي ته سمورن رڪارڊ ٿيل فوتگين ۾ 84 سيڪڙو شهري هئا.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران يوڪرين کي هٿيارن جي فراهمي جي آمريڪي فيصلي جي مذمت
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن