ڪوالالمپور-28 نومبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم ان??ر ابراهيم چيو آهي ته ملڪ جي 6 رياستن ۾ طوفاني برساتن کانپوءِ آيل ٻوڏ سبب 37 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته انهن ماڻهن جي ??ها??ش لاءِ عارضي ڪيمپون قائم ڪيون ويون آهن. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن پارليامينٽ کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٿائيلينڊ جي سرحد سان لاڳاپيل اتر اوڀر رياست ڪيلانٽن ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي آهي جتي 9 هزار کان وڌيڪ ڪٽنب متاثر ٿيا آهن. هن ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي کي سمورن وفاقي ۽ رياستي ادارن کي ال??ٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرن جي ??ها??ش جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. واضح رهي ته هر سال آڪٽوبر کان مارچ تائين سا??وڻ?? جي برساتن دوران ملائيشيا جي اوڀر طرف سامونڊي ڪناري وارن علائقن ۾ ٻوڏ اچڻ معمول جي ڳالهه آهي جتي هر سال هزارين ماڻهو بي گهر ٿيندا آهن.
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena