اسلام آباد – 07 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آه?? ته رپورٽ جي آءِ ٽي کي ڏيڻي آه?? ۽ ان رپورٽ ۾ حمد بن جاسم جو بيان به جي آءِ ٽي کي ئي رڪارڊ ڪرائڻو آه??، جيڪڏهن جي آءِ ٽي حمد بن جاسم جو بيان رڪارڊ نه ٿي ڪرائي ته ان ۾ مشڪلاتون پاڪستان مسلم ل??گ (ن) جي لاءِ نه پر جي آءِ ٽي جي لاءِ آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حمد بن جاسم چيو ته شريف خاندان ۽ مرحوم محمد شريف جا منهنجي والد سان ڪاروباري لاڳاپا هئا ۽ ان کانپوءِ سيٽلمينٽ ڪئي ۽ ان کي هن هڪ خط لکيو جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ به داخل ڪرايو ويو. هن چيو ته ان سڄي معاملي ۾ سڀ کان اهم بيان قطر جي حمد بن جاسم جو آه?? جنهن بابت هڪ سوال اٿي ٿو ۽ اهو سوال سڀني جي ذهن ۾ اٿي ٿو ته جي آءِ ٽي انهن سمورن ماڻهن کي گهرايو جن جو پاناما پ??پرز سان پري تائين ڪو تعلق نه هو پر ان شخص جنهن جي خط کي سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرائڻ تي اسان جي سياسي مخالفن پاران تمام گهڻي سياست به ٿي ان شخص حمد بن جاسم جي بيان کي جي آءِ ٽي سڀ کان اڳ رڪارڊ ڇو نه ڪرايو.
حمد بن جاسم جي بيان کانسواءِ رپورٽ جي آءِ ٽي لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا جیک پاٹ