اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) نگران وزيراعظم قبائلي علائقن (فاٽا) جي عوام کي تحفظ جو احساس فراهم ڪ??ڻ لاءِ ضم ڪ??ڻ جي عمل کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن (فاٽا) جي خيبرپختونخوا ۾ ضم ڪ??ڻ جي حوالي سان رڪاوٽن ۽ مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ ان عمل کي خوش اسلوبي سان مڪمل ڪرڻ لاءِ قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزي?? جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪ??ي وئي آهي. ان ڳالهه جو فيصلو نگران وزيراعظم جسٽس (ر) ناصر الملڪ جي صدارت ۾ فاٽا سڌارن تي عملدرآمد جي حوالي سان جائزي اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس ۾ منعقد اجلاس ۾ قانون واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر، وزيراعظم جي سيڪريٽري، سيفران، ناڻي ۽ منصوبابندي ڊويزن جي سيڪريٽرين، چيف سيڪريٽري خيبرپختونخوا، اي سي ايس فاٽا ۽ ٻين ??ينئر عملدارن شرڪت ڪئي.
نگران وزيراعظم پاران فاٽا انضمام بابت عمل تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار