اسلام آباد – 08 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ب??طا??يا ۽ پاڪستان ۾ قيدين جي مٽاسٽا جي لاءِ پروٽوڪول، ٽيڪس بابت پاليسي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ، احمد نواز سکيرا کي سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ، لبرٽي ايئرلائين کي چارٽرڊ اڏامن جي لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي جو نئون بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اط??اعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته احمد نواز سکيرا سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري هو??دو?? لبرٽي ايئرلائين کي لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي جو نئون بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪ??بينا جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي.
مضمون کا ماخذ : apostas quina