اسلام آباد – 24 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هن سال عيدالفطر جي موقع?? تي عالمي دنيا مشڪل آزمائش مان گذري رهي آهي، ڪورونا وائرس سبب سڄي دنيا پريشان آهي، احتياطي تدبيرون ئي ان جي روڪٿام جو واحد طريقو آهي، عيد جي خوشين ۾ ضرورتمند ۽ پيڙهيل طبقي کي هرگز نظرانداز نه ڪريو. ه?? اهڙن خيالن جو اظهار عيدالفطر 1441هه جي موقع?? تي قوم جي نالي پنهنجي پي??ام ۾ ڪيو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن