اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن جي روشني ۾ پنهنجي ثقافت جي ذريعي تشخص کي محفوظ ??ڻائينداسين، اي ڪامرس جي ذريعي گهرن ۾ ٺاهيل شيون پوري دنيا تائين پهچائي سگهجن ٿيون، ان سان گهريلو صنعت ۽ ثقافت به زنده رهندي آهي، ڪاروبار بهتر، قومي شناخت ۽ سياحت فروغ وٺندي آهي، ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ ثقافت سان ٿيندي آهي، اهي قومون جنهن جي ثقافت ناهي هوندي انهن جي تشخص کي ن??صا?? پهچندو آهي. لوڪ ورثه مي??ي جي حوالي سان تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته لوڪ ورثه زبردست مي??و ترتيب ڏنو آهي، ان ۾ شريڪ ماڻهن جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي، هي ادارو بنيادي طور تي انهي مقصد جي لاءِ ٺاهيو ويو هو، ان مي??ي جو بنيادي مقصد پاڪستان جي عوام کي جوڙڻ، پاڪستان مختلف ثقافتن جو مجموعه آهي، ڪا به قوم پنهنجي ثقافت سان سڃاتي ويندي آهي، لوڪ ورثه پنهنجون ذميداريون بهترين طريقي سان نڀائي رهيو آهي.
پنهنجي ثقافت جي ذريعي تشخص کي محفوظ بڻائينداسين: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا