اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو آ??ي ته حڪومت عورتن، نوجوانن ۽ معذور ماڻهن کي بااختيار ۽ روزگار سان لڳائڻ لاءِ آسان شرطن تي قرضن ۽ سهولتن جي فراهمي لاءِ وڏا فنڊ مختص ڪيا آهن، قومي اسيمبلي ميمبرن سميت ميڊيا ۽ سول سوسائٽي کي ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ رهنمائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪامياب جوان پروگرام تحت قرضن جا چيڪ ۽ هنرمند ماڻهن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪ??ر عارف علوي چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت نوجوانن کي انٽرپرينيئورشپ طرف متوجهه ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، حڪومت نوجوانن کي روزگار جي فراهمي جا موقعا پيدا ڪندي آهي، صدر چيو ته تعميراتي شعبي ۾ بهتري سان نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيا آهن. مزدورن جي ڏهاڙي ۾ اضافو ٿيو آ??ي، موجوده حڪومتي قدمن جي ڪري ٽيڪسٽائيل جي شعبي ۾ ملازمتن جا موقعا پيدا ٿيا آهن، هن چيو ته ماضي ۾ ملڪ ۾ نوڪرين جا موقعا نه هجڻ جي ڪري ڊاڪٽرز، انجنيئرز ۽ ٻيا پروفيشنلز نوڪرين لاءِ ٻاهرين ملڪ ويا تنهن هوندي به هاڻي نوجوان مصنوعي ذهانت، ڪمپيوٽر ڪلوڊنگ، نيٽ ورڪنگ ۽ سائبر سيڪيورٽي سميت ٻين هاءِ ٽيڪ ٽيڪنالاجي جي تربيت حاصل ڪري رهيا آهن اسان چاهيون ٿا ته هو ملڪ ۾ رهي ڪم ڪن، تنهن هوندي به هو ٻاهرين ملڪ به وڃي ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته هن 2018ع ۾ مصنوعي ذهانت ۽ ڪلوڊ ڪمپيوٺٽنگ جي حوالي سان آگاهه ڪيو هو ته اها ٽيڪنالاجي چوٿون صنعتي انقلاب آهي، ڊاڪ??ر عارف علوي چيو ته عورتن کي فني تربيت فراهم ڪرڻ ۾ ڪامياب جوان پروگرام ۽ نيوٽيڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آ??ي، انهن پروگرامن تحت گهٽ مدي واري فني تربيت سان نوجوانن کي روزگار جو موقعو ملندو.
حڪومت عورتن، نوجوانن ۽ معذور ماڻهن کي آسان شرطن تي قرضن جي فراهمي لاءِ فنڊ مختص ڪيا آهن: صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب