اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽ?? عارف علوي چيو آهي ته ح??ومت اقليتن جي سماجي ۽ معاشي ت??قي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، اقليتن کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي، بين المذاهب هم اهنگي جي فروغ لاءِ مڪالمي جي روايت عام ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن چيلا رام ڪيولاڻي جي قيادت ۾ قومي اقل??تي ڪميشن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وفد ۾ چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جو چيئرمين مولانا سيد عبدالخبير آزاد، جي پال ڇابڙيه، مفتي گلزار ??عيمي، ويشنو راجا، ڊ??ڪٽ?? ساره صفدر ۽ قومي اقل??تي ڪميشن جا ٻيا ميمبر شامل هئا. صدر چيو ته ح??ومت اقليتن جي سماجي ۽ معاشي ت??قي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. حڪومت اقليتن جي عبادتگاهن جي حفاظت ۽ سارسنڀال جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته ح??ومت اقليتن جي لاءِ سرڪاري نوڪرين ۾ 5 سيڪڙو ڪوٽا مخصوص ڪئي. اقليتن کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ جي لاءِ حوصلا افزائي جي ضرورت آهي. اقل??تي اڳواڻ پنهنجي ڪميونٽي ۾ نوجوانن کي تعليم ۽ سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ تي راغب ڪن. صدر چيو ته پاڪستان جو آئين اقليتن کي برابري جا حق فراهم ڪري ٿو. رياست اقليتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. ملڪي ت??قي جي لاءِ هڪ ٺوس ۽ برابري تي ٻڌل معاشري جي جوڙجڪ لازمي آهي. هن چيو ته ح??ومت اقل??تي برادري جي شاگردن کي تعليم وظيفا ۽ مالي امداد فراهم ڪري رهي آهي. ڪامياب جوان پروگرام تحت اقل??تي برادري جا نوجوان ۽ عورتون ڪاروبار جي لاءِ قرض حاصل ڪري سگهن ٿا. بين المذاهب هم آهنگي جي فروغ لاءِ مڪالمي جي روايت عام ڪرڻي پوندي. هن چيو ته اميد آهي ته قومي اقل??تي ڪميشن بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن جي فروغ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وفد صدر کي اقليتن کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر وفد کي مسئلن جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. وفد اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ ڪوششن ۽ ذاتي دلچسپي تي صدر جي ڪردار کي ساراهيو.
حڪومت اقليتن جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : bolão quina