اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري محسن پاڪستان ۽ ناليواري ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر ??بد??لقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڊاڪٽر ??بد??لقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم جي لا??ِ ناقابل تلافي نقصان آهي، جنهن کي ڪڏهن به پورو نه ٿو ڪري سگهجي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري تعزيتي پيغام ۾ اسپيڪر ??سد قيصر چيو ته پاڪستان جي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائيندڙ قومي هيرو جي لاڏاڻي تي پوري قوم سوڳوار آهي. هن چيو ته ڊاڪٽر ??بد??لقدير خان کي قوم سدائين قومي هيرو طور ياد رکندي. ڊاڪٽر ??بد??لقدير خان جي لاڏاڻي تي پنهنجي تعزيتي پيغامن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قوم ڊاڪٽر ??بد??لقدير خان جي ملڪ جي لا??ِ خدمتن ۽ احسانن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي. هنن چيو ته پاڪستان کي دنيا جو ستون ۽ اسلامي دنيا جو پهريون ائٽمي ملڪ بڻائڻ ۾ ڊاڪٽر ??بد??لقدير خان جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، قوم محسن پاڪستان ڊاڪٽر ??بد??لقدير خان جي احسانن جي سدائين مقروض رهندي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر ??بد??لقدير خان جو لاڏاڻو ملڪ ۽ قوم ۽ سندس گهرڀاتين جي لا??ِ ناقابل تلافي نقصان آهي. هنن چيو ته ڏک جي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ??لله تعاليٰ کان مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ پوري قوم سميت سوڳوار خاندان کي ان عظيم صدمي کي برداشت ڪرڻ جي لا??ِ صبر جميل عطا فرمائڻ جي پڻ دعا ڪئي.
اسد قيصر ۽ قاسم خان سوري پاران ائٽمي سائنسدان ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری لائیو