اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي ??ي) غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام چيو آهي ته ملڪ ۾ ضروري شين جو ذخيرو وافر مقدار ۾ موجود آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته هلندڙ سال وزيراعظم جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان ڪمند، چانور، مڪئي، م??ير?? ۽ بصر جي هن وقت تائ??ن سڀ کان وڌيڪ پيداوار حاصل ڪئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ضروري کاڌي پيتي جي شين جي پيداوار وڌائڻ تي خاص توجهه ڏئي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت زرعي شعبي جي ترقيءَ لاءِ پ??ائيم منسٽر ايگري??لچ?? ايمرجنسي پروگرام تحت 277 ارب رپيا رکيا آهن. حڪومت ڀاڻ، ٻج ۽ ڪيڙي مار دوائن جي مد ۾ 50 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي آهي. هن زرعي شعبي جي پيداوار وڌائڻ لاءِ ڪسان ڪارڊ ۽ بئنڪ جي مارڪ اپ ۾ گهٽتائيءَ جهڙا قدم کنيا آهن ته جيئن مختلف ضروري شين جي پيداوار ۾ واڌ ڪري سگهجي. هن ٻُڌايو ته ڪمند، چانور، مڪئي، م??ير?? ۽ بصر جي هلندڙ سال سيزن ۾ سڀ کان وڌيڪ پيداوار حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته ڪمند جي پيداوار جو ڪاٿو 87.67 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال کان 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. چانورن جي پيداوار جو ڳاڻيٽو 8.84 ملين ٽن آهي جيڪو گذريل سال کان 5 سيڪڙو وڌيڪ آهي. مڪئي جي پيداوار جو ڳاڻيٽو 9 ملين ٽن، م??ير?? 268 هزار ٽن آهي، جيڪو گذريل سال جي مقابلي ۾ ترتيبوار 27 ۽ 31 سيڪڙو وڌيڪ آهي. بصر جي پيداوار هن وقت تائ??ن سڀ کان وڌيڪ 2.4 ملين ٽن حاصل ٿي آهي. هن ٻُڌايو ته حڪومت ضروري شين جي قيمتن جي نگرانيءَ لاءِ اعليٰ سطحي نيشنل پرائيس مانيٽرنگ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي ته جيئن قيمتون مستحڪم رهن.
ملڪ ۾ ضروري شين جو ذخيرو وافر مقدار آهي: سيد فخر امام
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے