اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته ڪاروباري عورتون ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، عورتن جي معاشرتي سرگرمين ۾ شرڪت کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ڳ??ٺن جي ڀيٽ ۾ شهرن ۾ مهانگائي جو مسئلو وڌيڪ آهي، 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا جنهن جي ڪري اڄ ڳ??ٺن ۾ ماڻهو وڌيڪ خوشحال آ??ن، اسان کي مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن فنڪا مائيڪرو فنانس بئنڪ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته عورتون اسان ج?? آبادي جو 50 سيڪڙو حصو آهن، جيڪڏهن آبادي جو هڪ وڏو حصو ڪم نه ڪندو ته ملڪ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي. هن چيو ته اسان کي معاشي سرگرمين ۾ عورتن کي شريڪ ڪرڻو پوندو، تڏهن ئي هي ملڪ ترقي ڪري سگهندو. چوڌري ??واد حسين چيو ته هنرمند ۽ تعليم يافته عورتون پنهنجون ڪمپنيون جوڙي سگهن ٿيون، انهن جي لاءِ فنانس جي سهولت دستياب آهي، حڪومت به ڪيترن ئي پروگرامن ۾ عورتن کي مالي مدد مهيا ڪري رهي آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته نئين احساس پروگرام ۾ 5 لک رپين تائين جا قرض دستياب آهن، عورتون پنهنجو ڪاروبار قائم ڪن، ڪاروبار هوندو ته روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا. هن چيو ته وزيراعظم جيڪو ريليف پئڪيج ڏنو آهي ان جو مقصد 31 هزار رپين کان گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي اٽو، دال ۽ گيهه تي 30 سيڪڙو سبسڊي ڏيڻ آهي. چوڌري ??واد حسين چيو ته آمدني گهٽ ٿيڻ سان مهانگائي جا مسئلا حل نه ٿيندا ۽ عالمي سطح تي تيل جون قيمتون گهٽ نه ٿينديون، ان لاءِ مهانگائي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ آمدني ۾ اضافو لازمي آهي. هن چيو ته 1100 ارب رپيا رورل اڪانومي ۾ منتقل ٿيا، اڄ شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳ??ٺن ۾ ماڻهو وڌيڪ خوشحال آ??ن، شهرن ۾ مهانگائي جا مسئلا وڌيڪ آهن، ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجي آمدني ۾ اضافو ڪرڻو پوندو.
ڪاروباري عورتون ملڪي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : کلیوپیٹرا