اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدو?? شاهه محمود قريشي سان ”دعوت اسلامي“ جي 8 رڪني وفد پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ حاجي يوسف سليم، احتشام عطاري، سليم بلال، محمد عمران، آصف پولاني، اختر اسماعيل ۽ يوسف سلي?? شامل هئا. دعوت اسلامي جي وفد پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ته ”دعوت اسلامي“ هڪ غير سياسي تنظيم آهي جيڪا سڄي دنيا ۾ دعوت ۽ تبليغ سان گڏوگڏ فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندي آهي، دارالمدينه اسڪول سسٽم دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ تعليم ۽ تربيت جو ڪم سرانجام ڏئي رهيو آهي. حاجي سليم عطاري پرڏيهي وزير کي ٻڌايو ته ٻوڏ، قدرتي آفتن خاص طور تي ڪورونا وائرس جي وبا دوران دعوت اسلامي متاثرين جي دل کولي مدد ڪئي. هنن پرڏيهي وزير کي آگاهه ڪيو ته دعوت اسلامي ”ٿيليسيميا فري پاڪستان“ جي فلاحي منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ هن وقت تائين ٿيليسيميا جي مريضن کي رت جا 42 هزار بيگ عطيا ڪري چڪي آهي، پرڏيهي وزير دعوت اسلامي جي فلاحي سرگرمين کي ساراهيندي چيو ته اسلام، ڀائيچاري، محبت ۽ اخوت جو درس ڏي ٿو. هن چيو ته اف??انستان هن وقت شديد معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، حڪومت پاڪستان جهازن جي ذريعي ۽ زميني رستي سان انساني امداد ۽ دوائون اف??انستان موڪلي، ??اه?? محمود قريشي چيو ته اف??انستان 38 ملين آبادي جو ملڪ آهي، گذريل ٻن سالن کان اتي ڏڪار جهڙي صورتحال آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انساني همدردي جي بنياد تي اف??ان شهرين جي فوري امداد کي يقيني بڻايو وڃي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان اف??ان شهرين جي انساني بنيادن تي مدد لاءِ عالمي برادري سان مسلسل رابطي ۾ آهيون. اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري، ماضي جي غلطين مان سبق حاصل ڪندي اف??انستان کي اڪيلو نه ڇڏيندي. وفد پرڏيهي وزير کي مرڪز فيضان مدينه ڪراچي دوري جي دعوت ڏ??ي جنهن کي هن ٿوري سان گڏ قبول ڪري ورتي.
پرڏيهي وزير سان دعوت اسلامي جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : فنکی پھل