اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ??هي ته او آءِ سي مسلمان دنيا کي درپيش مختلف چئلينجز خاص طور تي اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي سلسلي ۾ موثر تنظيم جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري، افغانس??ان ۾ معاشي تباهي جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ ٻي دنيا تي پوندا، عالمي برادري، والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مرتڪب ماڻهن جي جوابدهي ۽ مواخذي لاءِ قدم کڻي. اهي ڳالهيون هن او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ سان ڪيون جنهن وفد سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير سيڪريٽري جنرل او آءِ سي جو منصب سنڀالڻ تي حسين ابراهيم طحهٰ کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ??ه اسان کي اميد آهي ته او آءِ سي توهان جي رهنمائي ۾ عالمي سطح تي وڌيڪ فعال ٿيندي. شاهه محمود قريشي چيو ??ه او آءِ سي جي باني رڪن طور تي، پاڪس??ان تنظيم جي قدرن ۽ مقصدن جي پاسداري لاءِ پرعزم آهي. پاڪس??ان او آءِ سي کي امت جو واحد ۽ موثر آواز جي طور تي فروغ ڏيڻ لاءِ به پرعزم آهي. هن چيو ??ه پاڪس??ان 22 -23 مارچ 2022ع تي او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ميزباني جو منتظر آهي، هڪٻئي پويان پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاسن جي ميزباني مسلمان امت جي مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪس??ان جي سنجيدگي جو ثبوت آهي. پاڪس??ان او آءِ سي جي مختلف ميمبر ملڪ?? سان گڏيل طور تي سائنسي ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ جو ارادو رکي ٿو، ان سلسلي ۾، آءِ سي ٽي، طب، تعليم، وڏي صنعتي ۽ زرعي مشينري جي مٽاسٽا پاڪس??ان جي خصوصي دلچسپي جي شعبا آهن، شاهه محمود قريشي چيو ??ه ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته او آءِ سي، مسلمان دنيا کي درپيش مختلف چئلينجز خاص طور تي اسلامو فوبيا، امن ۽ سلامتي ۽ تڪرارن جي حل جي سلسلي ۾ هڪ موثر تنظيم جي طور تي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. انهن مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي پنهنجي صفن ۾ اتحاد کي فروغ ڏيڻو پوندو. شاهه محمود قريشي افغانس??ان جي صورتحال جي حوالي سان چيو ??ه افغانس??ان ۾ 40 سال کان جاري جنگ کي ختم ڪرڻ ۽ افغانين کي مفاهمت ۽ نئين سر تعمير جي قابل بڻائڻ جو هڪ موقعو موجود آهي. افغانس??ان سان عالمي برادري جي سفارتي ۽ سياسي رابطا افغانس??ان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام حاصل ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهن، عالمي برادري جي اميدن ۽ افغانس??ان ۾ زميني حقيقتن جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ??ه افغانس??ان جي معيشت کي شديد چئلينجز درپيش آهن، افغانس??ان ۾ معاشي تباهي جا اثر پاڙيسري ملڪن، خطي ۽ ٻي دنيا تي پوندا، پرڏيهي وزير چيو ??ه پاڪس??ان هڪ پاڙيسري ملڪ جي طور تي افغانس??ان کي انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن، پاڪس??ان گڏيل قومن ۽ افغانس??ان کي انساني امداد فراهم ڪرڻ جو خواهشمند ٻين ادارن جي ذريعي افغانس??ان کي عالمي انساني امداد جي فراهمي ۾ مدد لاءِ تيار آهي. اسان سمجهون ٿا ته انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي کي مشروط ڪرڻ مناسب نه ٿيندو، پرڏيهي وزير چيو ??ه افغان معيشت تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ سان گڏوگڏ بئنڪنگ سسٽم جي بحالي لاءِ ميڪنزم ڳولڻ جي ضرورت آهي. افغانس??ان ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال کي ضابطي ۾ آڻڻ، نئين سري سان تڪرارن کي روڪڻ ۽ افغان پناهگيرن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ کي روڪڻ لاءِ فوري قدم کڻڻا ??وندا، پرڏيهي وزير او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري کي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي ڀارتي سنگين خلاف ورزين ۽ خطي جي امن امان کي درپيش خطرن کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ??ه اسان ڪشميرين جي لاءِ او آءِ سي جي مسلسل حمايت کي ساراهيون ٿا. او آءِ سي جي قراردادن ۽ بيان?? سان معصوم ڪشميرين جي حوصلا افزائي ٿي، شاهه محمود قريشي چيو ??ه پنج آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني ۽ هڪطرفي قدمن کانپوءِ، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب کي غير قانوني طور تي مٽائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو ??هي، هندس??ان پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 9 لک قابض فوجين جي ذريعي، انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزيون بدستور جاري آهن، پرڏيهي وزير چيو ??ه اڄ معصوم ڪشميري او آءِ سي طرف ڏسي رهيا آهن، آئون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم ماڻهن کي ڀارتي ظلم کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ توها?? سان بطور او آءِ سي جي جنرل سيڪرِيٽري ذاتي ڪوششن کي استعمال ۾ آڻڻ جي درخواست ڪندس، پاڪستان، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب، ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي حل جو گهرجائو آهي، عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي مرتڪب ماڻهن جي جوابدهي ۽ مواخذي لاءِ قدم کڻي.
پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي وفد سميت ملاقات
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا اطلاق