اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان سان آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير مسعود خان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي پڻ ان موقعي تي موجود هو. وز??راعظم چيو ته پاڪستان آمريڪا سميت سمورن ملڪن سان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا حصيداري ۽ گڏيل ??دفن جي بنياد تي قائم آهن. وز??راعظم نامزد سفير مسعود خان کي هدايت ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان رابطو حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ آمريڪا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي تمام گهڻي متحرڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. وز??راعظم نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پبلڪ ڊپلوميسي جي لاءِ ڪم ڪري. هن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کي صحيح طور تي اجاگر ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وز??راعظم نامزد سفير کي نئين ذم??وارين جي سلسلي ۾ ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو. آمريڪا جي لاءِ نامزد سفير مسعود خان هڪ تجربيڪار سفارتڪار آهي ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير طور پڻ ذم??واريون سرانجام ڏئي چڪو آهي، هو نيويارڪ ۽ جنيوا سميت گڏيل ??ومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي طور پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. ان کانسواءِ واشنگٽن ڊي سي ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.
وزيراعظم عمران خان سان آمريڪا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير مسعود خان جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا