لاهور – 05 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهتو، گورنر هائوس لاهور ۾ صوبائي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، ان م??قع?? تي 193 ??ي ٽي آءِ ميمبرن چوڌري پرويز الاهي جي پنجاب اسيمبلي ۾ ليڊر آف دي هائوس طور نامزدگي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم عمران خان اسيمبلي ميمبرن کي خطاب ڪندي چيو ته جڏهن به مشڪل وقت ايندو آهي ته توهان کي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ڪير توهان سان گڏ آهي ۽ ڪير س??ن گڏ نه آهي. هن چيو ته وڏي وزير عثمان بوزدار عاجزي، انڪساري ۽ رات ڏينهن محنت سان ساڍا ٽي سال گذاريا ?? مشڪلاتن کي منهن ڏنو، وقت ثابت ڪندو ته وڏي وزير جي ڪارڪردگي بهترين هئي، آئون کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، منهنجي نظر ۾ ان جو قد وڌي ويو آهي. هن چيو ته پنج 6 مهينن کان ٻاهرين سازش جو پلان بڻجي رهيو هو ۽ هتي جا رانديگر ان جو حصو هئا، مون کي خوشي آهي ته پارٽي جا ماڻهو اسان سان گڏ بيٺل آهن، هن ڀيري پارٽي ٽڪيٽ ڏيندي پاڻ ڏسندس، مون کي خوشي آهي ته منهنجي ٽيم گڏ بيٺل آهي، هن عورتن اسيمبلي ميمبرن کي به خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان تيزي سان بدلجي رهيو آهي، تڪن ۾ سياست به بدلجي وئي اهي ۽ هاڻي سڀ قومي غيرت ۽ خودداري جي ڳالهه ڪري رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته چوڌري پرويز الاهي کي پورو يقين ڏياريان ٿو ته پارٽي توهان سان گڏ بيٺل آهي ۽ توهان کي ڪامياب ڪرائيندي. ان م??قع?? تي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار چوڌري پرويز الاهي جو ڀرپور س??ٿ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، چوڌري پرويز الاهي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جو ڀرپور س??ٿ ڏيڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته وقت ثابت ڪندو ته هي هڪ بهترين فيصلو هو. هن چيو ته گڏيل سهڪار س??ن ٻنهي پارٽين کي سگهه ملندي، پي ٽي آءِ حڪومت پنجاب اسيمبلي ۾ رڪارڊ قانونساز?? ڪئي ۽ ختم نبوت سميت قرآن مجيد جي تعليم لازمي قرار ڏني وئي، ان م??قع?? تي اڳوڻي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي، پرويز خٽڪ، شفقت محمود ۽ پنجاب جو گورنر عمر س??فراز چيمه سميت ٻيا به موجود هئا.
جڏهن به مشڪل وقت ايندو آهي ته توهان کي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿيندي آهي ته ڪير توهان سان گڏ آهي ۽ ڪير سان گڏ نه آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس