بيجنگ -29 مارچ (اي پي پي) چين چ??و آهي، ته هو چين پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) جي اعليٰ معيار جي ترقي ۽ جٽادار سماجي اقتصادي ترقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ پاڪستان سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن. بيج??گ ۾ معمول واري بريف??گ ۾ چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چ??و آهي، ته سي پيڪ تي تيزي سان اڳڀرائي جاري آهي ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار جا بهتر نتيجا سامهون ايندا، جنهن سان پاڪستان ۾ توانائي جي ڍانچي ۽ توانائي جي سيڪيورٽي جي بهتري ۾ مدد ملندي. ترجمان ٿرڪول بلاڪ ون بابت پاڪستان جي وزيراعظم جي ان بيان جي واکاڻ ڪئي جنهن ۾ هن چيو هو ته هي منصوبو واريءَ جي ڀٽن کي ??وانائي جي ذريعن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته ان منصوبي سان سڄي ملڪ کي ??جلي جي فراهمي ملندي. ان سان ملڪي معيشت کي ??رقي ملندي ۽ ماڻهن کي ??وزگار جا موقعا ملندا.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نمبر