قاهره-19 آڪٽوبر (اي پي پي) مصر جي ص??ر الفتاح السيسي چيو آهي ته فلسطينين جي جبري بي دخلي جي فيصلي تي عملدرآمد نٿو ڪري سگهجي. برطانوي خابرو اداري رائيٽرز موجب مصر جي ص??ر چيو ته دهشتگردن کي منهن ڏيڻ لاءِ فلسطينين کي اسرائيل جي رڻ پٽ نيگيو ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني وڃي. مصر جي ص??ر فلسطينين جي غزه مان جبري بي دخلي جي خطرن کان خبردار ڪندي چيو ته ان سان فسلطينين جي اولهندي ڪناري کان اردن طرف جبري بي دخلي جو مثال قائم ٿي وي??دو. مصر جي ص??ر جيڪو پناهگيرن جي غزه مان مصر جي رڻ پٽ سينا ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ??ي مطالبي کي رد ڪري چڪو آهي چيو ته ان سان فلسطيني رياست جي قيام جو مقصد ختم ٿي وي??دو. هن چيو ته جيڪڏهن ائين ٿئ?? ٿو ته مان مصر جي عوام کي چوندس ته هو ٻاهر نڪري ۽ هن تجويز کي رد ڪرڻ جو اظهارڪن. مصر جي ص??ر چيو ته جيڪڏهن اسرائيل فلسطينين کي بي دخل ڪرڻ چاهي ٿو ته هو فلسطينن جي هٿياربند گروپن طرفان پنهنجي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تائين فلسطيني پناهگيرن کي پنهنجي ص??را نيگيو ۾ موڪلي سگهي ٿو، جڏهن ته فلسطيني پناهگيرن کي مصر موڪلڻ خطرناڪ هوندو.
فسلطينين جي جبري بي دخلي جي فيصلي تي عمل نٿو ڪري سگهجي: مصر
مضمون کا ماخذ : خوش قسمتی کا رش