تهران- 14 فيبروري (اي پي پي) اير??ن جي پارليمان ۽ ان سا جڙيل نيوز ايجنسي جي ويب سائيٽس کي هيڪرز جو نشانو بڻجڻ کان پوءِ عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي .العربيه جي رپورٽ ايراني پارليم??ن جي ويب سائٽس تي سائبر حملي جي نتيجي ۾ پارليمان ۽ ??ن جي نيوز ايجنسي خانه ملت جي ويب سائٽ کي بند ڪيو ويو آهي ايران پاران ان سلسلي ۾ جاري بيان موجب ان مسئلي جي سن??يني ۽وسعت بابت ٽيڪنيڪي ٽيم جاچ ڪري رهي آهي ان سائبر حملي جو دعوو هڪ هيڪنگ گروپ ڪيو هيو جنهن کي اپرائزنگ ٽل اووٿرو چيو ويندو آهي اهو گروپ جلا وطن ايران مخالف گروپ پيپلز مجاهدين آرگنائزيشن آف ايران ( پي ايم او آئي ) سان وابسته آهي جنهن کي ايراني حڪومت هڪ دهشتگرد تنظيم قرار ڏئي ٿي هڪ بيان ۾ ان گروپ چيو ته ان اير??ن جي پارليمنٽ سان وابسته 600 سرورز کي هيڪ ڪيو ۽ سوين ورڪن جو هيڪ ڪيل مواد پنهنجي ٽيليگرام پيج تي جا??ي ڪيو اهو سائبر حملو ايران ۾ پهرين مارچ تي نئين پارليمنٽ جي چونڊ لاءِ ٿيندڙ اليڪشن کان ٽي هفتن کان به گهٽ وقت پهرين ٿيو ايران حڪومت س??ن جڙيل ويب سائٽس ۽ ميڊيا آٽ ليٽس کي گذريل سالن ۾ ڪيترائي سائبر حملا ٿيا . گذريل ڊسمبر ۾ ٿيندڙ سائبر حملن ۾ اير??ن جا 60 سيڪڙو پيٽرول اسٽيشنن کي هدف بڻايو هيو جنهن مان گيس جي سپلائي ۽ وڪرو متا??ر ٿيو هيو .
سائبر حملي کانپوءِ ايراني پارليمنٽ، نيوز ايجنسي جي ويب سائٽ بند
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ ڈاؤن لوڈ کریں