پيرس -17 اپريل (اي پي پي)يورپ جي فلڪيات ماهرن ڪهڪشائن ملڪي وي ۾ هن وقت تائين جو سڀ کان وڏو بليڪ هول دريافت ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جنهن جي ڪ??يت سج کان 33 ڀيرا وڌيڪ آهي ۽ اهو بليڪ هول زمين کان 2 هزار نوري سال جي مفاصلي تي واقع آهي. گارڊين موجب بليڪ هول جنهن کي Gaia BH3 جو نالو ڏنو ويو آهي يورپي خلائي ايجنسي گايا جيڪا ملڪي وي جو نقشو تيار ڪرڻ لاءِ وقف آهي جنهن مشين ذريعي جمع ڪيل ڊيٽا جي تجزئي دوران بليڪ هول کي دريافت ڪيو آهي. بليڪ هول ان وقت دريافت ٿيو جڏهن سائنسدانن ان جي ويجهو گردش ڪندڙ هڪ ستاري جي غيرمعمولي لهردار حرڪت جو مشاهدو ڪيو. بليڪ هول ستارن جي زندگي جي پڄاڻي تي انهن جي ٽٽڻ س??ن پيدا ٿيندا آهن. اسان جي ڪ??ڪشان ملڪي وي ۾ دريافت ٿيل بليڪ هول بي ايڇ ٿري هڪ غير فعال بليڪ هول آهي جيڪو پ??هنجي ويجهي ترين ستاري کان به تمام گهڻو پر?? آهي. واضح رهي ته گايا جو مشن گذريل 10 سالن کان زمين کان 15 لک ڪلوميٽر جي مفاصلي تي ڪ?? ڪري رهيو آهي ۽ ان جي فراهم ڪيل ڊيٽا مان هڪ ارب 80 ڪروڙ ستارن جي پوزيشن ۽ حرڪتن جو ٿري ڊي نقشو تيار ڪيو پ??و وڃي.
يورپي فلڪيات ماهرن پاران ملڪي وي ۾ هن وقت تائين سڀ کان وڏو بليڪ هول دريافت ڪرڻ جي دعويٰ
مضمون کا ماخذ : سپرمین: فلم