گڏيل قومون-24 اپريل (اي پي پي) گڏيل قومن ??ي موسم??ات?? تبديلي بابت اداري چيو آهي ته ايشيا کنڊ 2023ع دوران ماحول??ات?? تبديلين ۽ شديد موسم سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو آهي. ورلڊ ميٽرو لوجيڪل جي تازي رپورٽ موجب موسم، آبهوا ۽ پاڻي بابت خطرن سبب ايشيا 2023ع ۾ دنيا جو سڀ کان وڌيڪ آفتن کان متاثر ٿيل خطو رهيو آهي. ان کنڊ کي طوفا?? ۽ ??وڏن سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪيو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2023ع دوران زمين جي سطح جو گرمي پد، گليشيئرز جي پگهرجڻ ۽ سمنڊ جي سطح ۾ اضافي جهڙين ماحول??ات?? تبديلين جي رفتار تيز ٿي آهي، خطي جي ڪيترن ئي ملڪن 2023ع دوران رڪارڊ گرمي ترين سال کي منهن ڏنو، چيو ويو آهي ته ماحول??ات?? تبديلين اهڙن واقعن جي انگ ۽ شدت کي وڌائي ڇڏيو آهي جيڪي معاشرن، معيشتن ۽ سڀ کان اهم انساني زندگي تي گهرو اثر ڇڏيو آهي، 1960ع کان 1990ع تائين جي عرصي جي ڀيٽ ۾ ان شدت ۾ تقريبن ٻيڻ تي اضافو ٿيو آهي. 2023ع ۾ اتر اولهه ماٺي سمنڊ ۾ سامونڊي سطح جو گرمي پڌ رڪارڊ تي سڀ کان وڌيڪ هو،ايستائين جو آرڪٽڪ کي به سامونڊي هيٽ ويو کي منهن ڏيڻو پيو.ايمرجنسي ايونٽس ڊيٽابيس موجب گذريل سال دوران ايشيا کنڊ پاڻي جي خطرن سان جڙيل 79 آفتن کي منهن ڏنو، جنهن ۾ 80 س??ڪڙ?? ٻوڏ ۽ طوفان بابت هيون جنهن جي نتجي ۾ 2000 کان وڌيڪ فوتگيون ۽ 90 لک ماڻهو سڌو سنئون متاثر ٿيا.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آفتن کان وقت سر آگاهي ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي بهتر تياري سان هزارين انساني جانيون بچائڻ سان گڏوگڏ معاشي نقصانن کي به گهٽ ڪري سگهجي ٿو ۽ ڊبليو ايم او ان حوالي سان پنهنجون ڪوششون جاري رکندو.
ايشيا کنڊ ماحولياتي تبديلين ۽ شديد موسم سبب 2023ع دوران سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو: ورلڊ ميٽرو لوجيڪل جي رپورٽ
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن