گڏيل قومون 31 ڊسمبر (اي پي پي ) جنيوا ۾ قائم گڏيل قومن جي ايجنسي ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن ( ڊبليو ايم او) سال 2024ع کي ريڪارڊ گرم ترين سال قرار ڏنو آهي جنهن دوران زمين جي سراسري گرمي پد ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ اضافو ريڪارڊ ٿيو آهي. ڊبليو ايم او جي سيڪريٽري جنرل سيلسٽي سائولو چيو ته اداري پاران 2024ع دوران آبهوا جي صورتحال جي با??ي ۾ با?? با?? ريڊ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هن سال اسان گهڻن ملڪن ۾ ريڪارڊ ٽوڙ برساتن ۽ ٻوڏ جي واقعن ۽ جانين جو خوفناڪ نقصان ڏٺو آهي. سال 2024ع دوران سامونڊي طوفان خوفناڪ جاني ۽ معاشي نقصان جو سبب بڻيو. سال 2024 ع دوران دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهن گر??ي کي برداشت ڪيو. ان سان گڏو گڏ ٻيلن ۾ لڳل باهه به وڏي پيماني تي تباهي آندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان حوالي سان نئين سال جي پيغام ۾ چيو ته اڄ مان با??ابطه طور تي اطلاع ڪري سگهان ٿو ته اسان به هڪ اهڙي ڏهاڪي کي ??ڪمل ڪيو آهي جنهن دوران ماڻهن شديد ترين گر??ي کي برداشت ڪيو اهو ڏهه سال ريڪارد تي گرم ترين سال رهيو. هن چيو ته اها صورتحال آبهوا ۾ تبديلين جو نتيجو آهي اسان کي انهن تبديلين جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن . ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد ۾ اضافي با??ت رپورٽ ۾ آبهوا جي تبديلين جي نتيجي ۾ 2024 ع دوران خطرناڪ گرمي جي مدي ۾ 41 ڏينهن جو اضافو ريڪارڊ ٿيو جنهن ۾ انساني صحت ۽ ماحولياتي نظام کي ??قصان پهتو. آبهوا جي تبديلين 29 شديد موسمي حالتن مان 26 جي شدت ۾ اضافو ڪيو جن ۾ 3700 ماڻ??و فوت ۽ لکين بي گهر ٿيا.
ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن پاران سال 2024ع کي ريڪارڊ گرم ترين سال قرار ڏنو ويو
مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ